چين آمريڪا سان واپاري معاهدي جي تصديق ڪري ڇڏي

چين آمريڪا سان واپاري معاهدي جي تصديق ڪري ڇڏي

بيجنگ(ويب ڊيسڪ) چين آمريڪا سان واپاري معاهدي جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. چيني وزارت واپار جي ترجمان آمريڪا سان واپاري معاهدي جي تصديق ڪندي چيو ته معاهدي تحت آمريڪا واپاري پابنديون ختم ڪندو، جڏهن ته چين برآمد ڪنٽرول هيٺ شين جو جائزو وٺندو ۽ منظوري ڏيندو. چيني واپار واري وزارت جو چوڻ آهي ته ٻئي ملڪ جنيوا معاهدي تي عمل درآمد لاءِ هڪ فريم ورڪ تي به متفق ٿيا آهن ۽ تازين لنڊن ڳالهين کانپوءِ تفصيلن جي تصديق ڪئي وئي آهي. چيني وزارت واپار جي ترجمان وڌيڪ چيو ته اميد آهي ته آمريڪا ۽ چين هڪ ٻئي جي ويجهو ايندا، ۽ انهن جا اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا صحتمند، مستحڪم ۽ پائيدار انداز ۾ ترقي ڪندا.

پهنجو تبصرو موڪليو