اسلام آباد(بيورو رپورٽ)چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي سان مخالف ڌر جي وفد ملاقات ڪئي، تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته چيف جسٽس عدالتي سڌارن بابت اسان سان 10 نقاطي ايجنڊا شيئر ڪيو، اسان پنهنجون تجويزون چيف جسٽس آف پاڪستان کي ڏينداسين، اسان چيف جسٽس کي چيو ته اوهان جي حڪمن تي عمل نه پيو ٿئي. مخالف ڌر جي 5 رڪني وفد چيف جسٽس يحيٰ آفريدي سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي، ملاقات هڪ ڪلاڪ تائين جاري رهي. ملاقات جي بيان بعد ۾ جاري ڪيو ويندو. گوهر خان چيو ته اڳ ۾ اسانکي وزيراعظم سان چيف جسٽس جي ٿيل ملاقات دوران گڏيل ملاقات لاءِ چيو ويو هو پر اسان ڌار ملڻ جي درخواست ڪئي.گوهر خان چيو ته پي ٽي آءِ ورڪن خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ٿيڻ جو معاملو به چيف جسٽس سان اٿاريو. ٻن اڍائي سالن کان پارٽي فسطايت کي منهن ڏئي رهي آهي، عمران خان کي ڊاڪٽر جي سهولت نٿي ڏني وڃي ۽ کيس قيد تنهائي ۾ رکيو پيو وڃي. سلمان اڪرم راجا چيو ته اسين آئين ۽ قانوني معاملن تا ڳالهه ٻولهه ڪئي چيو ته آئين م ڏنل بنيادي حقن جي خلاف ورزين جو عدالت نوٽيس نه وٺندي ته مايوسي ٿيندي. هن چيو ته اسين 26 هين آئيني ترميم بابت تحفظات کان به چيف جسٽس کي آگاهه ڪيو. هن چيو ته ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي حڪمراني ناهي، عدل جي نظام کي استعامل ڪيو پيو وڃي. عمر ايوب ٻڌايو ته اسين چيف جسٽس کي لاپتا ماڻهن ۽ ملٽري ڪورٽس بابت بريفنگ ڏني. اهو به چيو ته 9 نومبر ۽ 26 نومبر بابت عمران خان ڪميشن ٺاهڻ لاءِ جيڪي خط لکيا ان بابت به ڳالهايو ۽ کيس ٻڌايو ته چيف جسٽس پاران جاري ڪيل پروڊڪشن آرڊر تي به عمل نٿو ٿئي. عمر ايوب موجب هنن ڳجهن ادارن جي ڌمڪين، ججن جي خطن بابت به چي جسٽس سان معاملو اٿاريو. لطيف کوسا چيو ته اسين چيف جسٽس کي چيو ته اوهان پنهنجو گهر ٺيڪ ڪريو ته ماڻهن کي انصاف ملندو، اسين کيس چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججن جي خط تي نظر ثاني ڪريو. بابر اعواڻ چيو ته هي اجلاس 3 حصن تي مشتمل هو، پهريون نقطو ماڻهن کي ماورائي قانون کنڀڻ بابت هو، چيف جسٽس کي چيو ويو ته چادر ۽ چار ديواريءَ جو تحفظ نه پيو ٿئي، اسان عمران خان جي غير شفاف ٽرائل جو نقطو ان جي سامهون رکيو، 7 وزيراعظمن جو اوپن ٽرائل ٿيو پر پي ٽي آءِ جي باني جو شفاف ٽرائل نه ٿي رهيو آهي.










