چيف جسٽس تي عمران خان جو عدم اعتماد

چيف جسٽس تي عمران خان جو عدم اعتماد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان توشا خانه ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورت جي چيف جسٽس عامر فاروق تي عدم اعتماد ظاهر ڪندي ڪيس ٻئي بينچ کي موڪلڻ جي درخواست ڪئي آهي. درخواست ۾ ضلعي اليڪشن ڪميشن کي به ڌر بڻايو ويو آهي. درخواست ۾ چيف جسٽس کي استدعا ڪئي وئي آهي ته هو تحريڪ انصاف جي چيئرمين جون درخواستون ٻڌڻ کان معذرت ڪري. سيشن ڪورٽ جي فيصلي خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي اپيل تي ٻڌڻي ٿي. واضح رهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين سڀاڻي اسلام آباد جي عدالتن ۾ 14 ڪيسن ۾ پيش ٿيندو ۽ سڀاڻي اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ڪيس جي ٻڌڻي ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو