اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي هڪ نئين ڪيس مئنيجمينٽ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي آهي.چيف جسٽس يحييٰ خان آفريدي 6 رڪني ڪميٽي جي سربراهي ڪندو.ڪميٽي ۾ جسٽس نعيم اختر افغان، جسٽس شاهد بلال، جسٽس شفيع صديقي شامل آهن. ايڊيشنل رجسٽرار ۽ ڊائريڪٽر آئي ٽي پڻ ڪيس مئنيجمينٽ ڪميٽي جو حصو آهن.نئين ٺهيل ڪميٽي عدالتي معاملن کي مؤثر طريقي سان سنڀالڻ ۽ ڪيسن جي تيزيءَ سان خاتمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪمت عملي تيار ڪندي.










