چونڊ مهم جي حڪمت عملي تيار، عمران خان وڏو فيصلو ڪري ورتو

چونڊ مهم جي حڪمت عملي تيار، عمران خان وڏو فيصلو ڪري ورتو

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چونڊ مهم لاءِ حڪمت عملي تيار ڪري ورتي.پارٽي ذريعن موجب عمران خان ڊاڪٽرن کان اجازت بعد حڪومت کي ٽف ٽائم ڏيڻ پاڻ ميدان ۾ لهندو.پارٽي ذريعن ٻڌايو ته اڳوڻو وزيراعظم پارٽي اڳواڻن کي جلسن جو شيڊول تيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي جڏهن ته چونڊ مهم دوران رجيم چئينج آپريشن سان گڏ مهانگائي کي ايشو بڻايو ويندو.ذريعن موجب عمران خان معاشي ٽيم کي معاشي بحران بابت تجويزن تيار ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي، مُلڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ لاءِ عمران خان روڊ ميپ ڏيندو.پي ٽي آءِ چيئرمين پارٽي اڳواڻن کي هدايت ڪئي ته چونڊن کان اڳ تحريڪ انصاف جو پيغام گهر گهر پهچايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو