ڀارت جي تاريخي ڪاميابي، چندريان 3 جي چنڊ تي لينڊنگ

ڀارت جي تاريخي ڪاميابي، چندريان 3 جي چنڊ تي لينڊنگ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جو خلائي جهاز چندريان 3 ڪاميابيءَ سان چنڊ جي مٿاڇري تي پهچي ويو آهي. چندرايان 3 اربع جي شام 6 وڳي چنڊ جي ڏاکڻي پاسي لينڊ ڪيو. نتيجي طور، هندستان پهريون ملڪ بڻجي ويو جنهن چنڊ جي هن حصي تي هڪ خلائي جهاز لينڊ ڪرايو. آمريڪا، اڳوڻي سوويت يونين ۽ چين کان پوء ڀارت دنيا جو چنڊ تي پهچڻ وارو چوٿون ملڪ بڻجي ويو آهي. هندستان جي خلائي ايجنسي اڄ پنهنجي هيڊ ڪوارٽر ۾ مشن جي آپريشن سينٽر جون تصويرون شيئر ڪيون، جتي سائنسدان ۽ ٽيڪنيڪل اسٽاف ڪامياب لينڊنگ کانپوءِ ڀرپور خوشيءَ ملهائي. وزيراعظم نريندرا مودي قوم کي مبارباد ڏيندي چيو ته خلا ۾ تحقيق بابت اسانجي هي شروعات آهي ۽ اسانکي اڃان ڊگهو سفر ڪرڻو آهي ۽ وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪرڻيون آهن.
ڀارتي خلائي مشن ڪڏهن روانو ٿيو؟
چندريان 3 خلائي مشن 14 جولاءِ تي ڏکڻ هندستاني رياست آنڌرا پرديش مان لانچ ڪيو ويو ۽ 40 ڏينهن جي ڊگهي سفر کانپوءِ اڄ چنڊ جي ڏکڻ قطب تي پهتو. خلائي جهاز چنڊ جي مدار ۾ داخل ٿيڻ کان اٽڪل 10 ڏينهن اڳ ڌرتيءَ جي چوڌاري چڪر هنيا ۽ بعد ۾ 5 آگسٽ تي پهريون ٽرانس لونر ۽ پوءِ قمري مدار ۾ داخل ٿيو. 17 آگسٽ تي، مشن جو آخري مرحلو شروع ٿيو جڏهن لينڊر پروپلشن ماڊل کان الڳ ٿي ويو جيڪو بعد ۾ ان کي چنڊ جي ويجهو وٺي ويو. ڪامياب لينڊنگ کانپوءِ، خلائي مشن مان ڇهن ڦيٿين وارو روور چنڊ جي مٿاڇري تي لٿو ۽ اتي موجود پٿرن ۽ کڏن کٻن جو جائزو وٺندو. هي خلائي گاڏي اهم ڊيٽا ۽ تصويرون واپس ڌرتيءَ ڏانهن موڪليندي جيئن ان جو تجزيو ڪري سگهجي. قمري لينڊر ۾ اهڙا اوزار به آهن جيڪي چنڊ جي مٿاڇري، ويجهن مٿاڇري جي ماحول ۽ مٿاڇري جي هيٺان ڇا ٿي رهيو آهي، جهڙوڪ ’ٽيڪٽونڪ سرگرمي‘ بابت معلومات گڏ ڪندو. چندريان 3 مشن جو هڪ وڏو مقصد ’واٽر آئس‘ جي ڳولا آهي، سائنسدانن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن چندريان هن آبي برف کي ڳولڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ته اهو مستقبل ۾ چنڊ تي انساني آباديءَ ۾ مدد ڪري سگهي ٿو.
چندريان چنڊ جي ڪهڙي حصي ۾ لٿو ۽ ان جو مقصد ڇا آهي؟
چنڊ جو اهو حصو جنهن کي هندستاني سائنسدانن پنهنجي خلائي جهاز کي لينڊ ڪرڻ لاءِ چونڊيو آهي اهو چنڊ جو ڏور ڏکڻ قطب آهي ۽ ان جي مستقل پاڇي جي ڪري ”چنڊ جو اونداهو طرف“ به سڏجي ٿو. چنڊ جو ڏکڻ قطب اڃا تائين اڻڄاتل آهي. اتي جي مٿاڇري واري ايراضي چنڊ جي اتر قطب کان تمام گهڻي مختلف آهي. سائنسدان ان بابت تمام گهٽ ڄاڻن ٿا ۽ چون ٿا ته ٿي سگهي ٿو ته هتي لينڊ ڪرڻ خطرناڪ يا مشڪل هجي، پر هو اهو به چون ٿا ته ان ڳالهه جو قوی امڪان آهي ته چنڊ جي پاڇي واري حصي ۾ پاڻيءَ جا نشان موجود آهن. ISRO اڳ ۾ چنڊ جي ڏکڻ قطب تي ٻه مشن شروع ڪيا هئا جيڪي ناڪام ٿيا، پر چندريان 3 جي هن علائقي ۾ لينڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪامياب ٿي وئي آهي.
خلائي جهاز تي ڪيترو خرچ آيو؟
چندريان-3 جو وزن 3900 ڪلوگرام آهي ۽ ان جي تياري تي ڇهه ارب رپيا خرچ آيو آهي. چندريان 3 قمري گاڏي جو نالو انڊين اسپيس ريسرچ آرگنائيزيشن يعني ISRO جي باني وڪرم جي نالي تي رکيو ويو آهي. هن قمري روور جو وزن 1500 ڪلوگرام آهي ۽ ان جي اندر موجود روور پرگيان جو وزن 26 ڪلوگرام آهي. پرگيان سنسڪرت ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ آهي ڏاهپ.

پهنجو تبصرو موڪليو