چنائي جو نوجوان ڇوڪرين لاءِ فلمسازي جو نئون پروجيڪٽ

چنائي جو نوجوان ڇوڪرين لاءِ فلمسازي جو نئون پروجيڪٽ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ايوارڊ يافته فلمساز شرمين عبيد چنائي نوجوان ڇوڪرين کي فلمسازي لاءِ مالي ۽ ٽيڪنيڪل سپورٽ لاءِ نئون پروجيڪٽ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. شرمين عبيد چنائي جنهن پاڪستان جو اعليٰ ترين سول ايوارڊ حاصل ڪرڻ سان گڏ فلمي دنيا جو وڏي ۾ وڏو آسڪر ايوارڊ پڻ حاصل ڪيو هو. هن پنهنجي ڪمپني ’ايس او ايس‘ جي ذيلي اداري ’پٽاخا پڪچر‘ نالي هي منصوبو شروع ڪيو آهي جنهن ۾ ملڪ جي نوجوان عورتن کي فلمسازي لاءِ مدد ڪندي. هن رٿا هيٺ 40 منٽن تائين جي ڊاڪيومينٽري، ايڪشن، فيچر ۽ اينيميٽيڊ فلم ٺاهڻ ۾ مدد ڪندي.

پهنجو تبصرو موڪليو