چئن ٻارن جي ماءُ اغو، وارثن پاران ڌرڻو، روڊ بلاڪ

چئن ٻارن جي ماءُ اغو، وارثن پاران ڌرڻو، روڊ بلاڪ

سنڌڙي (ن سنڌيار)ڳوٺ مهڪ واٽر مان 4 ٻارن جي ماءُ گوري زال چيلو ڪولهي کي مبينا طور اغوا ڪيو ويو آهي. عورت جي وارثن کپرو عمرڪوٽ روڊ تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، مظاهرين جو چوڻ آهي ته شريمتي گوري کي  بااثر زوري اغوا ڪري ويا آهن. عورت جي مڙس روڊ تي وارثن سميت احتجاج ڪندي چيو ته  ٻار روئي روئي بي حال ٿي ويا آهن، منهنجي زال کي واپس ڪرائڻ  ۾ مدد ڪئي وڃي، کاھي پوليس پاران ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ تي مظاهرين چيو ته  کاھي پوليس  جوابدارن جي ڌر بڻيل آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو