اسلام آباد(بيورو رپورٽ)صدر آصف علي زرداري سان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ايوانِ صدر ۾ ملاقات ٿي، جنهن دوران دهشتگردي جي تازي واقعن جي سخت مذمت ڪئي وئي ۽ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ سلامتي واري صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هي گڏجاڻي اهڙي وقت ٿي جڏهن وانا ۽ اسلام آباد ۾ ڀارتي پراڪسيز افغان دهشتگردن هڪ ئي ڏينهن حملا ڪيا. وانا ۾ ڪيڊٽ ڪالج تي ٽن خارجي دهشتگردن حملو ڪيو ۽ اسلام آباد ۾ خود ڪش بمبار ڊسٽرڪٽ ڪورٽس وٽ ڌماڪو ڪيو. پاڪستان ٽيليويزن جي ايڪس (X) اڪائونٽ تي ڪيل پوسٽ موجب، وزيراعظم شهباز شريف ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرداري سان مليا. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ دهشتگردي جي تازن واقعن جي سخت مذمت ڪئي. ٻنهي قائدين اهو عزم ورجايو ته غير ملڪي سهڪار سان سرگرم دهشتگردن ۽ انهن جي مددگارن خلاف ڪارروايون دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جاري رهنديون. ملاقات ۾ چيئرمين سينيٽ سيد يوسف رضا گيلاني، قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق، ۽ وفاقي وزير سيد محسن رضا نقوي، چوڌري سالڪ حسين، اعظم نذير تارڙ، خالد حسين مگسي، ۽ عبدالعليم خان پڻ موجود هئا.










