ڪراچي(ويب ديسڪ) انساني حقن جي عالمي تنظيم ايمنيسٽي انٽرنيشنل ڀارتي حڪومت پاران تنگ ڪرڻ بعد ڪم بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. تنظيم چيو آهي ته انساني حقن جي خلاف ورزي خلاف آواز اٿرڻ سبب ڀارتي حڪومت تنظيم جا اڪائونٽ منجمند ڪري ڇڏيا آهن.
جنهن سبب اسين پنهنجو ڪم بند ٿا ڪريون. 10 سيپٽمبر کان اڪائونٽ بند ڪيا ويا آهن. ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن ۽ نئين دلي ۾ ٿيل فسادن بابت ڏنل بيانن تي ڀارتي حڪومت تنظيم تي ڏمريل آهي.










