ڀارت ڊبل سپر اوور ۾ افغانستان کي شڪست ڏئي ڇڏي

ڀارت ڊبل سپر اوور ۾ افغانستان کي شڪست ڏئي ڇڏي

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ)ڀارت افغانستان کي ٽئين ٽي 20 ميچ ۾ ”ڊبل سپر اوور“ ۾ شڪست ڏئي سيريز 0-3 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.بنگلورو جي چناسوامي اسٽيڊيم ۾ ڀارت افغانستان خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو.ڀارتي ٽيم روهت شرما ۽ رنڪو سنگهه جي جارحاڻي اننگز جي بدولت افغانستان خلاف 4 وڪيٽن جي نقصان تي 212 رنسون ٺاهيون. روهت 69 بالن تي 121 ۽ رنڪو سنگهه 39 بالن تي 69 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو.ڀارت جي 212 رنسن جي جواب ۾ افغانستان به جارحاڻي بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 212 رنسون ٺاهيون ۽ ميچ برابر ٿي وئي.افغانستان جي طرفان رحمان الله گربز ۽ ابراهيم زدران 50 ۽ 50 رنسن جي اننگز کيڏي، جڏهن ته آخري اوور ۾ گلبدين نايب جي 23 بالن تي 55 رنسون ٺاهي افغان ٽيم ميچ برابر ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي پر ميچ کٽي نه سگهي.ميچ جي فيصلي لاءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سپر اوور کيڏيو ويو، جنهن ۾ افغانستان هڪ اوور ۾ 16 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. جواب ۾ ڀارتي ٽيم به سپر اوور ۾ 16 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي ۽ سپر اوور به ٽائي ويو.سپر اوور ٽائي ٿيڻ کانپوءِ ٻيو سپر اوور کيڏيو ويو، جنهن ۾ ڀارت ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي 11 رنسون ٺاهيون.ٻئي سپر اوور ۾ 12 رنسن جي ٽارگيٽ جي جواب ۾ افغانستان جي ٽيم رڳو هڪ رنسون ٺاهي سگهي ۽ اهڙي طرح ڀارت افغانستان کي ٽئين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ ڊبل سپر اوور کانپوءِ شڪست ڏئي سيريز ٽن صفر تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو