اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڀارت خلاف جنگ دوران اسان جا جهاز عملي طور آزمائجي ڇڪا. معرڪهِ حق کان پوءِ اسان کي ايترا آرڊر ملي رهيا آهن جو ڇهن مهينن اندر آءِ ايم ايف کي خدا حافظ چوڻ جي حيثيت ۾ هوندا سين.
جيو نيوز جي پروگرام ڪيپيٽل ٽاڪ ۾حامد مير سان ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته ڀارت سان هڪ ٻي جنگ لاءِ به تيار آهيون. هن چيو ته پاڪ-ڀارت جنگ ۾ پاڪستان جو جواب سڄي دنيا ڏٺو، مودي کي سخت ڌڪ لڳو، نريندر مودي جي نه ملڪ اندر ۽ نه ئي ملڪ کان ٻاهر ڪا عزت بچي آهي.
وزير دفاع وڌيڪ چيو ته 2025 ۾ ڀارت خلاف جنگ ۾ ڪاميابي کان پوءِ جهازن جا ايترا آرڊر ملي رهيا آهن جو ڇهن مهينن ۾ آءِ ايم ايف کي الوداع چوڻ جي پوزيشن ۾ هوندا سين.
هاڻي به جيڪڏهن ڀارت جارحيت ڪئي ته ساڳيو ئي جواب ڏنو ويندو، خواجه آصف
خواجه آصف جو چوڻ هو ته پاڪ-ڀارت جنگ دوران ڀارت آمريڪا سان رابطو ڪيو ۽ چين سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي. هاڻي به جيڪڏهن ڀارت جارحيت ڪئي ته ساڳيو ئي جواب ڏنو ويندو. مئي 2025 جي جنگ کان پوءِ ڀارت جو اعتماد مڪمل طور ٽٽي پيو آهي۔
وزير دفاع چيو ته پاڪستاني فوج جي طاقت کي سڄي دنيا مڃي ٿي، ممڪن آهي اڳتي هلي پاڪستان کي آءِ ايم ايف جي ضرورت به نه پوي.
هڪ سوال تي وزير دفاع چيو ته جيڪڏهن آمريڪا انسانيت جو دوست آهي ته اهو نيتن ياهو کي اغوا ڪري. دعا ڪريو ته ترڪي نيتن ياهو کي اغوا ڪري ۽ سڄو حساب برابر ڪري.
هن چيو ته افغان طالبان ۽ ٽي ٽي پي قابلِ اعتماد ناهن، اهي ڀارت سان مليا ويٺا آهن، ۽ خيبرپختونخواهه حڪومت جا ماڻهو ٽي ٽي پي کي ڀتو ڏين ٿا.
وزير دفاع چيو ته سڀاڻي چين کي تائيوان کان ڪيئن روڪيو ويندو؟ اهڙي سوچ سان ته يوڪرين واري جنگ قانوني بڻجي وڃي ٿي. يوڪرين ۾ روسي حملي لاءِ گهٽ وڌ ڪو جواز ته پيش ڪيو ويو، پر وينزويلا تي حملي لاءِ ته ڪو به جواز ئي نه هو. عالمي نظام (ورلڊ آرڊر) جيڪو ٿورو گهڻو موجود آهي، اهو به تباهه ٿي رهيو آهي.
ايران تي آمريڪي حملي بابت هن چيو ته ان سان پاڪستان لاءِ چئلينج پيدا ٿيندو. يا ته اسرائيل آمريڪا کي بيوقوف بڻايو آهي يا ٻئي گڏجي سڀ ڪجهه ڪري رهيا آهن. 2012 ۾ اسرائيل چيو هو ته چار پنج ڏينهن ۾ ايران ايٽم بم هلائي ڇڏيندو.
هن چيو ته 2018 ۾ گڏيل قومن ۾ اسرائيل ايران بابت ڪوڙ ڳالهايو، اهي سڀ الزام مستقبل ۾ ايران تي حملي جو جواز ٺاهڻ لاءِ هئا.










