پگهارن ۾ 15 سيڪڙو واڌ، زراعت فرينڊلي بجيٽ

پگهارن ۾ 15 سيڪڙو واڌ، زراعت فرينڊلي بجيٽ

اسلام آباد(رپورٽ اياز مهر) وفاقي ڪابينا پهرين جولاءِ کان شروع ٿيندڙ مالي سال لاءِ بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ناڻي وارو وزير ڊاڪٽر مفتاح اسماعيل قومي اسمبلي ۾ ڪجهه دير ۾ بجيٽ پيش ڪندو. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پگهارن ۾ اضافي لاءِ احتجاج ڪندڙ ملازمن وٽ آئي ۽ کين ٻڌايو ته ڪابينا ۾ ملازمن جي پگهار 10 سيڪڙو وڌائڻ جي تجويز آئي جيڪا وزيراعظم شهباز شريف رد ڪندي چيو ته مهانگائي وڌيڪ آهي ان ڪري گهٽ ۾ گهٽ اضافو 15 سيڪڙو ٿين گهرجي. سڀني اتحادين پارٽين جي وزيرن به تجويز جي حمايت ڪئي جنهن بعد پگهارن ۾ 15 سيڪڙو واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ايندڙ مالي سال جي بجيٽ زراعت فرينڊلي آهي. هڪ لک ماهوار يا 12 لک ساليانو انڪم وارن کي انڪم ٽيڪس جي ڇوٽ ڏني وئي آهي. هائر ايجوڪيشن جي بجيٽ ۾ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو