سکر (جيرام داس) پنوعاقل ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن ارشاد خان چاچڙ، اسماعيل ڪورائي، آصف شيخ ، پريل انڍڙ، حيدر علي شيخ، صاحب جاويد ڪورائي، امداد جسڪاڻي، امان الله مهيسر، ڀورل شاہه، ظهير ڀٽو، علي ڀٽو، سڪندر شيخ، آصف ڪورائي ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته ٽائون چيئرمين شبير شيخ ۽ ٽي ايم او سجاد سمائر ملي ڀڳت ڪري ملازمن جي آيل پگهار مان ٺيڪيدارن کان ڪميشن وٺي انهن کي چيڪ ڏئي رهيا آهن جڏهن ته ملازمن کي اڌ پگهار ڏئي رهيا آهن جيڪا اسان سان ناانصافي آهي. مظاهرين وڌيڪ چيو ته بلديات کاتي مان پگهارون رليز ٿيون آهن جيڪي هن مهل تائين اسانکي نه مليون آهن جنهن ڪري اسان ڦاڪا ڪشي واري زندگي گذاري رهيا آهيون. جيڪڏهن اسان کي مڪمل پگهار نه ڏني وئي ته ڪم ڇڏ هڙتال ڪندا سين. ٻئي طرف پنوعاقل ٽائون چيئرمين شبير شيخ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته بلديا کاتي پاران هن مهل تائين پگهارون نه آيون آهن ملازمن جو احتجاج اجايو آهي.










