اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پ پ ۽ ن ليگ ضمني اليڪشن گڏجي وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پ پ جي سينيئر اڳواڻ راجا پرويز اشرف ريلوي واري وزير حنيف عباسي سان گڏ پريس ڪانفرنس ۾ ضمني چونڊن ۾ هڪٻئي خلاف اميدوار نه بيهارڻ جو اعلان ڪيو. راجا پرويز اشرف چيو ته ن ليگ ۽ پ پ گڏجي ضمني چونڊن ۾ حصو وٺنديون، اسان اتفاق راءِ سان معاملن کي حتمي شڪل ڏني آهي. حنيف عباسي چيو ته ٻئي جماعتون هڪٻئي جي اميدوارن کي سپورٽ ڪنديون، عام چونڊن ۾ جتي ٻئي نمبر تي ن ليگ هئي، اتي پ پ اميدوار نه بيهاريندي، اهڙي ريت جتي پ پ ٻئي نمبر تي هئي، اتي ن ليگ اتحادي جماعت جي اميدوار کي سپورٽ ڪندي.










