گئس ۽ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ سميت 11 نوان شرط لاڳو

گئس ۽ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ سميت 11 نوان شرط لاڳو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) بين الاقوامي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاڪستان تي 11 نوان شرط لاڳو ڪيا آهن، جن ۾ گئس ۽ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ، نيب جي خودمختياري ۽ شفافيت ۾ اضافو شامل آهي.آءِ ايم ايف ايندڙ مالي سال لاءِ ايف بي آر جو ٽيڪس هدف 15,267 ارب رپيا مقرر ڪرڻ جي تجويز پڻ ڏني آهي، جنهن تحت ايندڙ مالي سال ۾ 430 ارب رپين جا اضافي ٽيڪس لڳائڻ جو امڪان آهي، جنهن مان 215 ارب رپيا نوان ٽيڪس هوندا ۽ 115 ارب رپيا ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ذريعي گڏ ڪيا ويندا.ٻئي طرف، ايندڙ مالي سال ۾ عوام کان پيٽروليم ليوي جي طور تي 1,727 ارب رپيا گڏ ڪرڻ جو امڪان آهي.آءِ ايم ايف جون نئين شرطون (ساختي معيار) ۾ پارليامينٽ پاران ايندڙ مالي سال لاءِ وفاقي بجيٽ جي منظوري، اينٽي ڪرپشن ۽ سرڪاري خريداري فريم ورڪ کي مضبوط ڪرڻ، ٽيڪس آمدني انتظاميه کي بهتر بڻائڻ، پاڪستان جي غير مشروط ڪيش ٽرانسفر پروگرام (ڪفالت پروگرام) کي برقرار رکڻ، بتدريج ڪرنسي مٽاسٽا جي خودمختياري لاءِ روڊ ميپ تيار ڪرڻ، ۽ ريگيوليٽري شفافيت وڌائڻ، ٻين اهم شرطن ۾ شامل آهن.بين الاقوامي مالياتي اداري جي نئين شرطن ۾ پيپارا جي ضابطن ۾ ترميم، نيب جي آزادي ۽ شفافيت ۾ اضافو، توانائي جي شعبي ۾ گئس ۽ بجلي ۾ سالياني ۽ اڌ سالي واڌ جو نوٽيفڪيشن، 2035 تائين خاص اقتصادي زونز لاءِ ترغيبن جو مڪمل خاتمو، ۽ ڪاروبار کي منظم ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت ۽ اسلام آباد لاءِ پاڪستان ريگيوليٽري رجسٽري جو قيام پڻ شامل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو