پيٽروليم شين جي کوٽ پيدا ڪندڙڻ خلاف ڪاروائي جو حڪم

پيٽروليم شين جي کوٽ پيدا ڪندڙڻ خلاف ڪاروائي جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم شهباز شريف صوبائي حڪومتن سان گڏجي پيٽروليم شين جي هٿراڌو کوٽ پيدا ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائيءَ جي هدايت ڪري ڇڏي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ خطي ۾ ڇڪتاڻ جا ملڪي معيشت تي اثرن بابت هڪ جائزو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ وفاقي وزيرن احد چيمه، محمد اورنگزيب، علي پرويز ملڪ، اويس لغاري شرڪت ڪئي. ان سان گڏوگڏ رياستي وزير بلال اظهار ڪياني، خاص مددگار طارق باجوه ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته خطي ۾ تڪرار وڌڻ جي ناڪاري اثرن جي ڪري مستقبل ۾ ملڪي معيشت متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي، جنهن نموني گذريل سادگي مهم ۾ عوام ساٿ ڏنو، ان ئي طريقي سان بچت (ڪفايت شعاري) کي قومي سطح تي اپنائڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ ٻارڻ (اڻٿيل تيل) جي فراهمي جي صورتحال کي بهترين طريقي سان هلايو ويو آهي، عام ماڻهو، موٽرسائيڪل سوارن، رڪشا ڊرائيورن ۽ ٽرانسپورٽرن کي تحفظ فراهم ڪيو ويو، ۽ سرڪاري سبسڊي ذريعي تيل جي قيمتن ۾ واڌ جي اثرن کي اثرائتي انداز سان ڪنٽرول ڪيو ويو. وزيراعظم اختيارين کي هدايتون ڏنيون ته هر امڪاني چيلنج کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تياري رکن، ضرورت پوڻ تي وقتائتي قدمن لاءِ هڪ گڏيل ۽ جامع حڪمت عملي جوڙي وڃي ۽ صوبائي حڪومتن سان ملي ڪري پيٽروليم شين جي هٿراڌو کوٽ پيدا ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏني وئي ته ملڪي ضرورتن موجب پيٽروليم شين جا ڪافي ذخيرا موجود آهن ۽ مستقبل لاءِ پڻ پيٽروليم شين جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو