پيٽرول 15 ۽ ڊيزل 7 رپيا سستو ٿي ويو،حڪومتي اعلان

پيٽرول 15 ۽ ڊيزل 7 رپيا سستو ٿي ويو،حڪومتي اعلان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب وزيراعظم شهباز شريف پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي،اوگرا پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي سمري وزيراعظم کي موڪلي وئي،ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽرول جي قيمت ۾ 15 رپيا وڌيڪ گهٽتائي ڪئي وئي آهي. ڊيزل جي قيمت ۾ 7 رپيا وڌيڪ گهٽتائي ڪئي وئي آهي،مٽي جي تيل جي قيمت ۾ 9 رپيا وڌيڪ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 7 رپيا وڌيڪ گهٽتائي ڪئي وئي آهي.ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو نوٽيفڪيشن جلد جاري ڪندي.پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي اڄ رات 12 وڳي کان لاڳو ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو