اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي حڪومت پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون برقرار رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي.پيٽروليم ڊويزن پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون برقرار رکڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت 253.17 رپيا في ليٽر برقرار رهندي. نوٽيفڪيشن موجب ڊيزل جي قيمت 257.8 رپيا في ليٽر برقرار رهندي.










