پيٽرول مهانگو ٿيڻ خلاف سينيٽ ۾ احتجاج ۽ واڪ آئوٽ

پيٽرول مهانگو ٿيڻ خلاف سينيٽ ۾ احتجاج ۽ واڪ آئوٽ

اسلام آباد(بيورو) سينيٽ ۾ اپوزيشن پئٽرول جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ خلاف علامتي واڪ آئوٽ ڪري احتجاج رڪارڊ ڪيو، جڏهن ته وزير اعظم کي تنقيد جو نشانو پڻ بڻايو ويو سينيٽ جو اجلاس شروع ٿيندي ئي اپوزيشن ميمبرز سينيٽ چيئرمين جي ڊائيس اڳيان احتجاج ڪيو، جنهن دوران نعريبازي به ڪئي وئي سينيٽ چيئرمين وارننگ ڏني ته جيڪو ميمبر پنهنجي سيٽ تي واپس نه ويندو، اُن جي رُڪنيت معطل ڪري ڇڏيندس سينيٽ چيئرمين جي وارننگ کانپوءِ اپوزيشن ميمبرز سيٽس تي واپس وڃي احتجاج ڪيو ۽ نعريبازي ڪندا پي ٽي آءِ سينيٽر شوڪت ترين چيو ته آءِ ايم ايف موجوده حڪومت کي ڏنڊ هڻڻ شروع ڪيو آهي، حڪمران عوامي مفادن ۾ آءِ ايم ايف اڳيان بيهي نه سگهيا وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو ته ملڪ جو ڏيوالو ڪڍندڙ معيشت جو درس نه ڏين، سڀني کي گڏجي ملڪ کي ٺيڪ ڪرڻو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو