پيٽرول جون قيمتون گهٽ ڪرائينداسين، حق وٺڻ لاءِ عوام کي نڪرڻو پوندو

پيٽرول جون قيمتون گهٽ ڪرائينداسين، حق وٺڻ لاءِ عوام کي نڪرڻو پوندو

لاهور: (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته بجلي جيان پيٽرول جون قيمتون گهٽ ڪرائينداسين، پنهنجا حق وٺڻ جي لاءِ عوام کي گهرن کان ٻاهر نڪرڻو پوندو.پارٽي اڳواڻن سان لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته پاڪستان ۾ حڪومتي طبقو پنهنجي نااهلين جو بار عوام تي وجهي رهيو آهي. حڪومت جي مختلف شعبن ۾ 1100 ارب جي ڪرپشن ٿي رهي آهي صنعتن جو ٻيڙو ٻڏل آهي، عام ماڻهو تي ليوي، فيول ايڊجسٽمينٽ سميت ٻيا ٽيڪسز ۽ ڊيوٽيز لڳائي وئي آهي.هن چيو ته پگهاردار طبقي کان به ٽيڪس ورتو پيو وڃي پر هڪ مخصوص طبقي کي 17 ارب ڊالر جون ساليانيون مراعتون ڏنيون پيون وڃن. انهن ۾ اهي به شامل آهن جن کي سرڪاري مراعتون ڏنيون پيون وڃن. آءِ پي پيز به انهن ۾ شامل آهي. آءِ پي پيز کان حڪومت ٽيڪس نه پئي وٺي پر عام ماڻهو کي دٻايو پيو وڃي.حافظ نعيم الرحمان چيو ته ڊيزل ۽ پيٽرول مهانگو ٿيڻ جو اثر هر عام ضرورت جي شين تي ٿيندو آهي. جيڪڏهن آئين موجب تعليم ۽ ٻيون سهولتون ملي رهيون هجن ها تڏهن به صحيح هو، پر عوام کي نه صحت نه تعليم جون سهولتون ڏنيون پيون وڃن سمورا صوبا امن گهري رهيا آهن پر امن نه آهي، سرمائيدار طبقو جاگيردار ۽ وڏيرا قابض آهن. نام نهاد سياستدانن جو به قبضو آهي.هن چيو ته جيڪڏهن عام ماڻهو کي خبر نه هوندي ته ڪنهن کي ڪيتريون مراعتون ڏنيون پيون وڃن ته اهي وڌيڪ ڌاڙا هڻندا رهندا. ملڪ ۾ عام ماڻهو روزگار نه هجڻ سبب ٻاهر وڃڻ جي لاءِ حياتي کي خطري ۾ وجهي رهيا آهن. عوام ۾ مايوسي پيدا ٿي رهي آهي، جيڪڏهن وڌندڙ ٽيڪسز جي خلاف ڪير به آواز نه اٿاريندو ته مايوسي وڌندي.جماعت اسلامي جي امير چيو ته پاڪستاني قوم ڪيپسٽي پيمنٽ جي مد ۾ بجلي ٺاهڻ کان وڌيڪ پئسا ڏئي رهي آهي. گذريل سال جي دوران جماعت اسلامي جي تحريڪ سبب بلن ۾ گهٽتائي ٿي آهي، هن وقت پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ لوڊشيڊنگ جو ٽائيم 6 ڪلاڪ کان وڌيڪ ٿي چڪو آهي، پئسا ڪيڏانهن وڃي رهيا آهن ڪنهن کي به خبر نه آهي.هن چيو ته پيٽرول تي ليوي لڳائي وئي ته ريفائنريز کي بهتر ڪنداسين پر ڪجهه به نه ڪيو ويو، پاڪستاني قوم کي ڦري رهيا آهن. ليوي تي 1500 ارب جو ڌاڙو هنيو ويو آهي، عام ماڻهو کي مسئلن جي حل لاءِ نڪرڻو پوندو. جماعت اسلامي نڪتي ته بجلي جون قيمتون گهٽ ٿيون هيون، هاڻ پيٽروليم جون قيمتون به گهٽ ڪرائينداسين، ماني ته 10 روپين جي هجڻ گهرجي پر 20 روپين ۾ وڪرو ٿي رهي آهي، جيڪڏهن پيٽرول جي قيمت وڌي ته هر شيءَ مهانگي ٿي ويندي.حافظ نعيم الرحمان چيو ته هر حڪومتي عهديدار پوءِ چاهي اهو جرنل هجي يا بيورو ڪريٽ هجي يا ايم اين اي يا وزير ڪنهن جي به گاڏي 1300 سي سي کان وڌيڪ نه هجڻ گهرجي، 11 ارب جو جهاز مريم نواز جي لاءِ خريد ڪيو ويو. اهو به ته ٻڌايو ته ڇاجي لاءِ خريد ڪيو ويو؟ اهو جهاز خريد ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. جڏهن پهريان جهاز موجود هو انهي سڀني جو بار عوام تي پئجي رهيو آهي هي جيڪو هڪ طبقو پيدا ٿي ويو آهي انهي کي ختم ٿيڻو پوندو. سڀاڻي انهي حوالي سان احتجاج ڪنداسين.حافظ نعيم الرحمان چيو ته هي صرف جماعت اسلامي جو نه پر هر نوجوان ۽ پاڪستاني جو مسئلو آهي، حڪومت اوهان جي هر ليٽر تي 130 روپيه ڀتو وٺي رهي آهي. عوام مجبور ٿي موٽر سائيڪل تي سموري خاندان کي ويهاري سفر ڪرڻ تي مجبور بڻيل آهي. هن چيو ته گورنر هائوس ۽ ايوان وزيراعليٰ جي سامهون احتجاج ڪنداسين، اسان گذريل احتجاج ۾ 500 کان وڌيڪ هنڌن تي پرامن احتجاج ڪيو. اڃان به اسان پرامن احتجاج ڪنداسين ۽ جيڪڏهن حڪومت ڪنهن به قسم جي رنڊڪ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي ته اسان تيار آهيون. جماعت اسلامي هر عام ماڻهو جو مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ نڪري رهي آهي هر ماڻهو چاهي ڪنهن به پارٽي سان هجي اهو انهي احتجاج ۾ شامل ٿئي.جماعت اسلامي جي امير چيو ته اسان احتجاج شروع ڪرڻ جو اعلان ته ڪري رهيا آهيون پر ختم ڪرڻ جو ڪوبه وقت نه آهي. اسان جو مطالبو آهي ته پيٽرول، بجلي ۽ عام واهپي جي شين جون قيمتون گهٽ ڪيون وڃن. اسان مختلف جڳهن تان احتجاج ڪندي وزيراعليٰ ۽ گورنر هائوس پهچنداسين، اسان جو احتجاج سڀاڻي 3 وڳي کان شروع ٿيندو. گڊز ٽرانسپورٽ کي به اسان احتجاج ۾ شموليت جي دعوت ڏيون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو