پيٽرول 5 ۽ ڊيزل هڪ روپيو في لٽر سستو، نوٽيفيڪيشن جاري

پيٽرول 5 ۽ ڊيزل هڪ روپيو في لٽر سستو، نوٽيفيڪيشن جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، وزيراعظم شهباز شريف پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.ناڻي واري وزارت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.ناڻي واري وزارت جي نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 5.66 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 263.2 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي.ڊيزل جي قيمت ۾ 1.39 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 275.41 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.گاسليٽ جي قيمت ۾ 3.26 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ گاسليٽ جي نئين قيمت 181.71 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي.اهڙي طرح لائيٽ ڊيزل آئل جي قيمت ۾ 2.74 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ نئين قيمت 162.76 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.ناڻي واري وزارت جي هڪ نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته پيٽروليم شين جون نيون قيمتون رات کان لاڳو ٿي ويون.

پهنجو تبصرو موڪليو