پيٽ ٿلها جنرل نه گهرجن، پاليسي سان اختلاف ڪندڙ استعيفيٰ ڏين

پيٽ ٿلها جنرل نه گهرجن، پاليسي سان اختلاف ڪندڙ استعيفيٰ ڏين

ورجينيا(ويب ڊيسڪ)آمريڪي دفاع واري وزير پيٽ هيگسٿ آمريڪي فوجي ڪمانڊرن کي چيو آهي ته جنهن کي منهنجي پاليسين سان اختلاف آهي، اهو استعيفيٰ ڏئي گهر وڃي سگهي ٿو. هن “ٿلهن جنرلن” ۽ تنوع (diversity) قدمن تي سخت تنقيد ڪئي، جن بابت هن چيو ته انهن ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين فوج ۾ زوال آندو آهي. اهڙو اظهار هن اڱاري ڏينهن دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان خصوصي طور گهرايل ٽاپ ڪمانڊرز جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. هيگسٿ چيو:“بيوقوف ۽ غير ذميوار سياسي اڳواڻن غلط رخ ڏنو ۽ اسان پنهنجو رستو وڃائي ويٺاسين، اسان ‘ووڪ ڊپارٽمينٽ’ بڻجي وياسين۔ پر هاڻي ائين نه ٿيندو.” هن آمريڪا جي اعليٰ جنرلن ۽ ايڊمرلن سان ڀريل هال کي خطاب ڪندي پنهنجن فيصلن جو دفاع ڪيو، جن ۾ سرفهرست هڪ آمريڪي ڪارو جنرل ۽ هڪ عورت ايڊمرل جي برطرفي شامل آهي. هن چيو ته اهي آفيسر ٽٽل ڪلچر جو حصو هئا. هن واعدو ڪيو ته پينٽاگون ۾ ناانصافين جون شڪايتون ۽ بداعمالي جي الزامن جي جاچ جي نظام ۾ وڏيون تبديليون آڻيندس، هن چيو ته هاڻوڪو نظام اعليٰ آفيسرن کي “انڊن جي ڇلڪن تي هلڻ” جهڙي پريشاني ۾ رکندو آهي. هيگسٿ چيو: “جيڪڏهن منهنجا لفظ اوهان جا دل بيهاري ڇڏين ٿا، ته عزت وارو قدم کڻو ۽ استعيفيٰ ڏيو. پر مون کي خبر آهي ته اوهان مان وڏي اڪثريت جي دل انهن لفظن سان ڀرجي وئي آهي.” هن پيٽ ٿلهن آفيسرن تي تنقيد ڪندي چيو: “پينٽاگون جي هال ۾ ٿلهن جنرلن ۽ ايڊمرلن کي ڏسڻ مڪمل طور تي ناقابل قبول آهي.” هن اعلان ڪيو ته سڀني فٽنيس ٽيسٽن کي مردن جي معيار تي رکيو ويندو ۽ گروومنگ اسٽينڊرڊس کي سختيءَ سان لاڳو ڪيو ويندو. “غيرپيشيورانه شڪل وارو دور ختم ٿي ويو، هاڻي ڪو به ڏاڙهي وارو نه هوندو.” ان دوران سڀ جرنيل مڪمل خاموش هئا.
ٽرمپ جو ڪمانڊرن کي خطاب
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، جيڪو انهيءَ تقريب لاءِ روانو ٿي رهيو هو، صحافين کي ٻڌايو ته جيڪڏهن کيس ڪو فوجي اڳواڻ پسند نه آيو، ته هو کيس فوري طور برطرف ڪري ڇڏيندو. اسٽيچ تي اچي هن مذاق ڪندي چيو: “جيڪڏهن اوهان کي منهنجا لفظ پسند نه اچن، ته اوهان هال ڇڏي سگهو ٿا. البته پوءِ اوهان جو عهدو ۽ مستقبل به ختم.” پر پوءِ هن فوج جي تعريف ڪئي ۽ ڊگهي تقرير ۾ ميڊيا، اڳوڻي صدر بائيڊن ۽ وينزويلا تي سخت تنقيد به ڪئي. هن هيگسٿ سان اتفاق ڪندي تنوع جي قدمن جي مخالفت ڪئي ۽ چيو: “سڀ ڪجهه ميرٽ تي ٻڌل هوندو. ڪو به سياسي سببن يا سياسي درستگي خاطر اوهان جي جاءِ نه وٺندو. مان اوهان سان گڏ آهيان، اوهان جي حمايت ڪندس، ۽ صدر طور اوهان جي پٺڀرائي 100 سيڪڙو ڪندس۔”
دفاعي پاليسين ۾ تبديليون
پينٽاگون ۾ ٽرمپ جي ٻئي دور حڪومت کان پوءِ وڏيون تبديليون ڪيون ويون آهن، جن ۾ برطرفيون، اڪيڊمي لائبريرين مان ڪتابن تي پابندي، ۽ وينزويلا ۾ مبينه منشيات کڻندڙ ٻيڙين تي حملن جا حڪم شامل آهن. ٽرمپ اعلان ڪيو ته هو دفاع واري کاتي جو نالو ٻيهر “Department of War” رکندو، جيڪو ٻئي عالمي جنگ کان اڳ تائين استعمال ٿيندو هو. ان کان سواءِ ٽرمپ آمريڪي شهرن (شڪاگو، پورٽلينڊ، لاس اينجلس وغيره) ۾ نيشنل گارڊ ۽ ميرين فوج موڪلڻ جو به اعلان ڪيو، جنهن تي مقامي اختيارين اعتراض ڪيو. ٽرمپ چيو: “آمريڪا اندر کان حملي هيٺ آهي، بلڪل اهڙو ئي جهڙو بيروني دشمن کان، پر وڌيڪ ڏکيو، ڇو ته اهي يونيفارم نه پائيندا آهن.”
پاڪستان جو ذڪر
پنهنجي تقرير دوران ٽرمپ پاڪستان جي آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير جو ذڪر به ڪيو، جيڪو وزيراعظم شهباز شريف سان گڏ آمريڪا ۾ موجود هو. ٽرمپ چيو: “هو پاڪستان ۾ تمام اهم شخص آهي ۽ هن چيو ته مون لکين زندگيون بچايون، مان ان ڳالهه ۾ تمام عزت محسوس ڪيم”. هن اها به دعويٰ ڪئي ته مئي ۾ ٻنهي ملڪن جي ڇڪتاڻ دوران پاڪستان 7 ڀارتي جهاز ڪيرايا.
پينٽاگون ۾ اٿل پٿل
هيگسٿ مئي ۾ حڪم ڏنو هو ته آمريڪي فوج ۾ جنرلن ۽ ايڊمرلن جي تعداد ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 سيڪڙو ڪٽوتي ڪئي وڃي، سول ملازمن کي به گهٽائڻ جو اعلان ڪيو ويوهو. سال جي شروعات کان وٺي ڪيترائي سينيئر آفيسر برطرف ڪيا ويا، جن ۾ جوائنٽ چيفس آف اسٽاف جو چيئرمين جنرل چارلس “سي ڪيو” برائون، نيوي ۽ ڪوسٽ گارڊ جا سربراهه، NSA ۽ DIA جا سربراهه، ايئر فورس جو نائب چيف آف اسٽاف، نيٽو ۾ مقرر ٿيل ايڊمرل ۽ ٽي فوجي وڪيل شامل آهن.
هيگسٿ پنهنجي فيصلي جو دفاع ڪندي چيو:
“ساڳين ماڻهن سان ڪلچر تبديل ڪرڻ لڳ ڀڳ ناممڪن آهي، جيڪي ان کي ٺاهڻ يا ان مان فائدو وٺڻ ۾ حصيدار رهيا آهن.” ان کان سواءِ آمريڪي فوج هن سال يمن جي حوثي باغين خلاف ٻن مهينن جي حملي ۽ ايران جي ٽن ايٽمي سائيٽن تي حملن ۾ به حصو ورتو آهي، جڏهن ته فوج کي لاس اينجلس، واشنگٽن ۽ ٻين شهرن ۾ به تعينات ڪيو ويو آهي. آمريڪا ۾ ايئن ورلي ٿيندو آهي ته دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تعينات سمورن ٽاپ ڪمانڊرز کي هڪ جاءِ تي گڏ ٿيڻ جو حڪم ڏنو وڃي، ايڏي وڏي تعداد م سينئر ڪمانڊرز ۽ سندن اسٽاف جي اچ وڃ تي ئي ڪروڙين ڊالر خرچ آيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو