ڍاڪا(ويب ڊيسڪ)بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ فارچون بارسيال رنگپور رائيڊرز کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي، ٻئي ميچ ۾ سلهٽ اسٽرائڪرز ڍاڪا ڊومنيٽرز کي 62 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي، فاتح ٽيم جي محمد عامر ۽ عماد وسيم جون ٻه ٻه وڪيٽون ورتيون، ايونٽ جون ميچون لائيو ڏسو. ميرپور ۾ کيڏيل ميچ ۾ سلهٽ اسٽرائڪرز ڍاڪا ڊومينيٽرز خلاف ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي 8 وڪيٽن جي نقصان تي 201 رنسون ٺاهيون، توحيد رضوي 84 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي، 5 چوڪا ۽ 5 ڇڪا هنيا، نجم الحسين به 57 رنسون ٺاهيون. الامين حسين 3 وڪيٽون ورتيون. جواب ۾ ڍاڪا ڊومنيٽرز جي ٽيم 139 رنسون ٺاهي سگهي، ناصر حسين 44 ۽ محمد مٿون 42 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، محمد عامر، عماد وسيم ۽ مشرفي مرتضيٰ 2-2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.ان کان اڳ کيڏيل ميچ ۾ رنگپور رائيڊرز فارچون بارسل کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي، رنگپور رائيڊرز جي 158 رنسن جي جواب ۾ فارچون بارسل مطلوبه هدف آخري اوور ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، ابراهيم زدران 52 رنسن جي اننگز کيڏي.










