ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي آئي جي چونڊيل نمائمندن جي گرفتاري جي خلاف حافظ نعيم الرحمان جي درخواست تي سنڌ حڪومت، چيف سيڪريٽري ۽ گهرو سيڪريٽري کي 9 جون لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو درخوست گذار پاران وڪيل سيف الدين ايڊووڪيٽ ۽ عثمان فاروق ايڊووڪيٽ پيش ٿيا سيف الدين ايڊووڪيٽ موقف ڏنو ته اليڪشن ڪميشن کي هدايت ڪئي وڃي ته سمورا چونڊيل نمائندا حلف کڻن چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا جن کي گرفتار ڪيو ويو اهي ماڻهو ڪٿي آهن پاڻ درخوست ڇو نٿا ڏين عثمان فاروق ايڊووڪيٽ موقف ڏيندي چيو ته يو سي چيئرمين حافظ نعيم جا ووٽرز آهن ان لاءِ اسان آيا آهيون عدالت سنڌ حڪومت، چيف سيڪريتري ۽ گهرو سيڪريٽري کي 9 جون لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو عدالت ايڊووڪيٽ جنرل کي گرفتار يو سي چيئرمينز بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.










