پي ٽي آءِ جي توهين عدالت واري درخواست رد

پي ٽي آءِ جي توهين عدالت واري درخواست رد

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ احتجاج جي درخواست تي عدالتي حڪم باوجود فيصلو نه ٿيڻ تي پي ٽي آءِ جي توهينِ عدالت جي درخواست جي ڪارروائي رد ڪري ڇڏي.جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب عامر مسعود درخواست تي فيصلو ٻڌايو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ فيصلي ۾ لکيو ته عدالت جي ڪنهن به آبزرويشن جي خاص طور تي ڀڃڪڙي ناهي ڪئي وئي. جسٽس ثمن رفعت امتياز ضلعي انتظاميه کي پي ٽي آءِ احتجاج جي درخواست تي فيصلو ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي.پي ٽي آءِ موجب، ڊپٽي ڪمشنر 29 جولاءِ تي احتجاج جي درخواست تي وقت سر فيصلو نه ڪيو، پي ٽي آءِ گهرو سيڪريٽري خرم آغا، چيف ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ آءِ جي اسلام آباد خلاف درخواست ڪئي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو