ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاڪستان تحريڪ انصاف جي چئن اڳوڻن اسيمبلي ميمبرن جا ناقابل ضمانت گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا. اي ٽي سي ڪراچي ۾ 9 مئي تي سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.عدالت پي ٽي آءِ جي 2 اڳوڻن ميمبرن فهيم خان ۽ اڪرم چيما ۽ ڪراچي مان 2 اڳوڻن سنڌ اسيمبلي ميمبرن راجا اظهر ۽ عديل احمد جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.پي ٽي آءِ جي چئن اڳواڻن خلاف شاهه فيصل ڪالوني ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس چالان ۾ کين مفرور قرار ڏنو هو.










