اسلام آباد)بيورو) سنڌ اسيمبلي حملي ڪيس ۾ گرفتار پي ٽي آءِ جي ٻن ڪارڪنن کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي اسلام آباد جي جڊيشل مئجسٽريٽ انعام الله پي ٽي آءِ جي قومي اسيمبلي ميمبرن فهيم خان ۽ عطاءُ الله کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. عدالت گرفتاري بعد جوابدارن جي ضمانت منظور ڪندي کين 50-50 هزار رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي. عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ راءِ تنوير جي گرفتاري بعد ضمانت پڻ منظور ڪري ورتي.










