ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڊجيٽل ميڊيا جي انچارج شرجيل انعام ميمڻ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ سندس پارٽي تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته سندس دور حڪومت جي پاليسين نه رڳو ملڪ کي اندوروني محاذ تي، پر سفارتي محاذ تي به نقصان پهچايو. هن چيو ته سفارتي محاذ تي عمران خان جي پاليسين سبب پاڪستان اڪيلائي جو شڪار ٿيو پر بلاول ڀٽو زرداري پيپلز پارٽي جي چيئرمين ڪيترن ئي ملڪن سان ٽٽل لاڳاپا بحال ڪيا پر پي ٽي آءِ اڳواڻن بلاول ڀٽو جي ڀارت جي دوري تي تنقيد ۽ پروپيگنڊا کان پاسو نه ڪيو ويو. ڪالهه خميس ڏينهن تي ڪوئٽا ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي بلوچستان جي زير اهتمام ڊجيٽل ميڊيا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پيپلز پارٽي جي ڊجيٽل ميڊيا جي دوستن پي ٽي آءِ جي ڪوڙ ملڪ دشمن پاليسين جو هر محاذ تي موثر ۽ ڀرپور جواب ڏنو. هن چيو ته پي ٽي آءِ گارين گند جي سياست کي هٿي وٺرائي آهي پر پاڪستان پيپلز پارٽي شرافت جي ميدان کي هٿان نه وڃڻ ڏين ۽ جمهوري طريقي سان انهن جو مقابلو ڪن. هن چيو ته پي ٽي آءِ اسان جي خلاف نه پر ملڪ ۽ ادارن جي خلاف آهي، جڏهن 2008ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي اقتدار ۾ آئي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري بلوچستان جي عوام تي ٿيندڙ ظلمن تي نه رڳو معافي گهري پر ان جي معافي به گهري. بلوچستان جي عوام جي زخمن تي مرهم رکيا. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جنهن مشن تي ڀارت ويو آهي، الله کيس ان ۾ ڪاميابي عطا فرمائي، پي ٽي آءِ جا اڳواڻ جيڪي سندس ڀارت دوري تي تنقيد ڪري رهيا آهن، انهن کي اهڙي بي بنياد تنقيد تي شرم اچڻ گهرجي. هن چيو ته چئن سالن تائين اسان تي اهڙو بيوقوف وزيراعظم ٿوپيو ويو جنهن جي پاليسين دوست ملڪن کي به ناراض ڪيو. بلاول ڀٽو پرڏيهي وزير جي حيثيت ۾ ناراض ملڪن سان دوستي قائم ڪئي ان کي قيادت چئبو آهي. هن چيو ته اسان جي قيادت ملڪ ۾ جمهوريت، آئين ۽ عوام جي حڪمراني لاءِ جانيون قربان ڪيون ۽ جيلن جون سختيون برداشت ڪيون، ڪوڙا به کاڌا پر پنهنجي مشن کان پوئتي نه هٽيا ۽ ڪڏهن به آمر جي اڳيان سر نه جهڪايو. هن چيو ته عقل کان عاجو عمران خان عدالتن ۾ سر تي ٽوپيون ۽ ڪچري جون ٽوڪريون کڻي اچي ٿو ۽ پوءِ چوي ٿو ته مونکي مرتضيٰ ڀٽو وانگر قتل ڪيو ويندو. هن چيو ته اهو افسوسناڪ آهي ته هو نالو به اسان جي ليڊر جو وٺي ٿو. هن چيو ته عمران خان کي تحريڪ عدم اعتماد سان ڪڍيو ويو پر هو ذوالفقار علي ڀٽي جو مثال ڏئي رهيو آهي. هن چيو ته 2018ع جي عام چونڊن ۾ هڪ سازش تحت ڌانڌلي سان جعلي ڪپتان آندو ويو پر بلوچستان ۽ سنڌ ۾ عمران خان کي حڪومت ٺاهڻ نه ڏني وئي. هن چيو ته ايندڙ چونڊن ۾ پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جو عوام به کين رد ڪري ڇڏيندو، هن چيو ته پي ٽي آءِ سوشل ميڊيا ذريعي قومي ادارن ۽ سياستدانن خلاف زهريلي پروپيگنڊا ڪئي آهي. ان پروپيگنڊا کي ٻاهرين قوتن کان فنڊنگ ملي، پي ٽي آءِ اسان جي ملڪ خلاف آهي، پي ٽي آءِ سان وڙهڻ هر پاڪستاني جو فرض آهي. شرجيل ميمڻ چيو ته دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪوڙو شخص کي پاڪ صاف ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته جڏهن پيپلز پارٽي 2008ع ۾ اقتدار ۾ آئي ته آصف زرداري نه رڳو ٻين جي گناهن جي معافي گهري، جيڪي اسان نه ڪيا هئا پر هن بلوچستان جي عوام جي زخمن تي مرهم رکيو ۽ صوبي جي پڙهيل لکيل نوجوانن کي بلوچستان رائٽس پيڪيج تحت نوڪريون ڏنيون. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي صوبن کي صوبائي خودمختياري ۽ اين ايف سي ايوارڊ ڏنو. هن چيو ته اسان جي حڪومت پاڪستان جي غريب عوام لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شروع ڪيو آهي، جنهن مان لکين خاندان فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي ملڪ کي ايٽمي پروگرام ڏنو، جنهن سبب ڪو به دشمن ملڪ پاڪستان کي بُري نظر سان نه ٿو ڏسي سگهي. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڊجيٽل ميڊيا جو مقصد سچ کي پکيڙڻ ۽ ڪوڙ جو مقابلو ڪرڻ ۽ تهذيب ۾ رهندي پنهنجو موقف بيان ڪرڻ آهي. هن چيو ته ڪراچي، لاهور ۽ ملتان کانپوءِ اڄ پاڪستان پيپلز پارٽي ڪوئيٽا ۾ ڊجيٽل ميڊيا ڪانفرنس منعقد ڪئي آهي. ڪوئيٽا جي عوام ڊجيٽل ميڊيا ڪانفرنس ۾ ڀرپور شرڪت ڪري نه رڳو ان کي ڪامياب بڻايو آهي پر ڪراچي، لاهور ۽ ملتان جو رڪارڊ به ٽوڙي ڇڏيو آهي، جنهن تي بلوچستان ۽ ڪوئيٽا جا عوام مبارڪباد جا مستحق آهن. اڄ مان هن اسٽيج جي ذريعي اعلان ڪريان ٿو ته پاڪستان پيپلز پارٽي بلوچستان مان ايندڙ عام چونڊن ۾ ڪلين سوئيپ ڪندي انشاءَ الله. ڪانفرنس کي پيپلز پارٽي بلوچستان جي صدر چنگيز خان جمالي، جنرل سيڪريٽري روزي خان ڪاڪڙ ، اطلاعات سيڪريٽري سردار سربلند جوگيزئي، اڳوڻو صوبائي صدر ۽ اڳوڻو صوبائي وزير حاجي علي مدد جتڪ، پيپلز پارٽي وومين ونگ جي صوبائي صدر غزاله گولا، صوبائي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر حيات خان اچڪزئي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي بلوچستان جي طرفان پاڪستان پيپلز پارٽي جي ڊجيٽل ميڊيا ٽيم جي سربراهه شرجيل ميمڻ ۽ سندس ٽيم کي ڀليڪار چئون ٿا. هن چيو ته اڄ جي جديد ٽيڪنالاجي ۽ سوشل ميڊيا جي دور ۾ پارٽي جو پيغام صوبي جي هر ڪنڊ ڪڙڇ تائين صرف ڊجيٽل ميڊيا ذريعي ئي پهچائي سگهجي ٿو. ايندڙ عام چونڊون به ڊجيٽل ميڊيا ذريعي وڙهيون وينديون. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي واحد سياسي جماعت آهي جنهن جي قيادت ۽ ڪارڪنن عوام جي حقن، پارليامينٽ جي بالادستي ۽ جمهوريت جي قيام لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون، اڄ ملڪ ۾ جيڪا جمهوريت آهي اها محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي قرباني جي طفيل آهي. هن چيو ته گذريل چئن سالن ۾ عوام تي مسلط ٿيل عمران نيازي ۽ سندس ٽيم ملڪ جو جيڪو نقصان ڪيو آهي ان جي 75 سالن جي تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي، پاڪستان جي دوست ملڪن کي نارض ڪيو ويو معيشت جي ٻيڙي ٻوڙي وئي اڄ بلاول ڀٽو زرداري جي جدوجهد جي ڪري پاڪستان پنهنجي دوست ملڪن سان ٻيهر لاڳاپا بحال ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي رهيو آهي. انشاءَ الله ايندڙ دور پاڪستان پيپلز پارٽي جو آهي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي بلوچستان سميت چئني صوبن مان وڏي اڪثريت سان ڪاميابي ماڻيندي.










