پي اي سي جي سينيٽ چيئرمين جي مراعتن واري بل جي مخالف

پي اي سي جي سينيٽ چيئرمين جي مراعتن واري بل جي مخالف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سينيٽ چيئرمين کي مراعتون ڏيڻ جي معاملي تي سينيٽ ۾ پيش ٿيندڙ بل جي مخالفت ڪندي چيو ته ملڪ معاشي بحران جي ور چڙهيل آهي اسان مراعتون وڌائي رهيا آهيون جڏهن ته ڪميٽي آئي پي سي بابت آڊٽ اعتراضن جو جائزو وٺڻ لاءِ ميٽنگ اجلاس سڏائڻ جو فيصلو ڪيو آهي اڱاري تي نوعالم خان جي صدارت هيٺ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ سينيٽ چيئرمين کي مراعتون ڏيڻ جو معاملو بحث هيٺ آيو پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سينيٽ ۾پ يش ٿيندڙ بل جي مخالفت ڪري ڇڏي نورعالم چيو ته مان انجي مخالفت ڪريان ٿو هي وڏي زيادتي هوندي سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو ته مان سينيٽرن کان هن معاملي تي معلوم ڪيو سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو ته اسان کي بل ڏيکاريو ئي ناهي ويو ميبرز لاءِ هن بل ۾ ڪجهه نه آهي سليم مانڊوي والا چيو ته سب مراعتون سينيٽ چيئرمين لاءِ آهن هو پهريان کان مراعتون وٺي رهيا آهن جنهن کي وڌيڪ وڌايو ويو نورعالم خان چيو ته اسان پي اي سي جي پليٽ فارم تان ان جي مخالفت ڪري سگهون ٿا اجلاس دوران نادرا ۽ اين ٽي ايل جي آڊٽ جو معاملو بحث هيٺ آيو نورعالم خان چيو ته ڇا نيب ۽ ايف آئي اي انڪوائري شروع ڪئي آهي ايف آئي اي آفيسرن چيو ته انڪوائري ٿي رهي آهي جي آئي ٽي ٿي ويندي نورعالم خان چيو تهلاڳاپيل هڪ آفيسر استيعفا ڏئي ڇڏي آهي گهرو سيڪريٽري هن معاملي تي بي وس هو مون وٽ ان حواليس ان سفارشون اچي رهيون آهن نور عالم خان چيو ته جيڪڏهن اجازت ڏيو ته نالا وٺان نالا وٺڻ جي ضرورت نه آهي اوهان پهريان به ڪنهن جي ڳالهه نه مڃي هن چيو ته ايف آئي اي ۽ نيب ڄاڻي وٺن اسان به معاملي کي ڏسي رهيا آهيون ڪميٽي چيئرمين چيو ته جيڪڏهن اوهان پاڻ حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڄار ۾ اچي ويندا. نورعالم خان چيو ته جيتريون سفارشون اينديون مان انهن جو نالو وٺندس نواب شير چيو ته مان آئي ٽي سي ڪميٽي جو چيئرمين آهيان اتي ڪروڙين رپين جون گهوٻيون آهن ڪميٽي آئي ٽي سي بابت آڊٽ اعتراضن جو جائزو وٺڻ لاءِ ميٽنگ اجلاس سڏائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو