حيدرآباد (ن س) اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ايه ته پوڻن ٻن سالن ۾ هر جماعت اقتدر ۾رهي ڇا مسئلا حل ٿيا نظام جي خرابي ۽ ان اميج تي پهچي رهي آهي ته پورو ملڪ خطري ۾ آهي تقريب سان خطاب ڪندي شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته وفاق وٽ پاڻ ڪجهه نه آهي هو وياج ادا نٿا ڪري سگهن اڳئين سال وياج وڌيڪ وڌندو ڇاڪاڻ جو وڌيڪ قرض ورتو آهي اسان دفاعي خرچ اضافي قرضا وٺي ادا ڪري رهيا آهيون وفاق کان اوهان حق گهريو ٿا هو پاڻ لاچار ۽ ڪنگال آهن پارليمينٽري اهي واحد طبقا آهن جن جا ٽيڪس رڪارڊ پبلڪ ڏسي سگهي ٿي اڳوڻو وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته نظام کي نٿو بدلائي سگهجي ملڪ جا حالت درست نه ٿي رهيا آهن سڀني سان وڏو انتظامي آفيسر وفاق جو آفيسر آهي انگريز جو نظام اسان دل ۾ لڳايو آهي 25 سالن کان سياستدان نيب جي قانون کي دل سان لڳائي ويٺا آهن ڪنهن نيب کان پڇيو ۽ احتساب ڪيو 99 سيڪڙو قانون حڪومت پنهنجي سهولت لاءِ ٺاهي ٿي 30 سيڪڙو کان وڌيڪ پنجاب ۾ خوراڪ اداري۾ ڪرپشن آهي اسان جي سامهون ملڪ لٽيو ٿو وڃي پر اسان ۽ هي نظام ڪجهه نه چوندو.










