ٺري ميرواھ (ن سنڌيار)ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل جوابدار کي مقابلي بعد زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. پوليس موجب گذريل رات دير سان مير واھ ٿاڻي جي حد لال شاھ اسٽاپ ٺري سيٺارجا روڊ تي پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ مقابلو ٿي پيو. فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ضلعي خيرپور جي مختلف ٿاڻن تي گهربل جوابدار عبدالله عرف عبدو ڦلپوٽو کي مقابلي بعد زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آھي. زخمي جوابدار کي علاج لاءِ ٺري مير واھ آندو ويو. ابتدائي طبي امداد بعد کيس خيرپور اسپتال منتقل ڪيو ويو. جڏھن ته ٺري مير واھ ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي پوليس سان مقابلي ۽ هٿيار رکڻ جا 2 ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا ويا آھن. ان سلسلي ۾ ايس ايچ او مير واھ درياخان جتوئي جو چوڻ آھي گرفتار ڏوهاريءَ مٿان ضلعي خيرپور جي مختلف ٿاڻن تي قتل، اغوا، ڌاڙن، ڦرن ۽ پوليس مقابلن جا 23ڪيس داخل آھن.










