پوليس حراست ۾ جوابدار فوت، 7 اهلڪار معطل

پوليس حراست ۾ جوابدار فوت، 7 اهلڪار معطل

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڦرن ۽ ڌاڙن جي شڪ ۾ گرفتار ڪيل جوابدار پوليس جي حراست ۾ فوت ٿي ويو. اسپيشل انويسٽيگيشن يونٽ جي 7 پوليس اهلڪارن کي معطل ڪري جاچ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ايس ايس پي ڪورنگ کي جاچ آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته 30 سالن جو محمد عرفان دل جو دوري سبب فوت ٿيو آهي. وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان جي عمر 16 سال آهي ۽ پوليس تشدد ۾ فوت ٿيو آهي. جناح اسپتال جي پوليس سرجن ڊاڪٽر سميه جو چوڻ آهي ته لاش تي ڪافي زخمن جا نشان آهن پر موت جو سبب ڪيميڪل رپورٽ بعد ٿيندو. ايس ايس پي، ايس آءِ يو، امجڊ شيخ جو چوڻ آهي ته جوابدار جو موت دل جي دوري سبب ٿيو، مٿس تسدد ناهي ٿيو. هن ٻڌايو ته پنجاب جي احمدپور شرقيه سان تعلق رکندڙ محمد عرفان کي ٽن ساٿين سميت عائشه منزل وٽان گرفتار ڪيو ويو. پوليس کي اطلاع مليو ته هو بئنڪن جي اي ٽي ايمز جون ويڊيو رڪارڊ ڪري رهيا آهن. وارثن جو چوڻ آهي ته هو ناشتو ڪرڻ ويا هئا، جتان غائب ٿيا ۽ سندن فون به بند هئا. ايس ايس پي امجد شيخ جو چوڻ آهي ته کين گرفتار ڪري شام ساڍي پنجين وڳي ايس آءِ يو صدر آندو ويو ۽ 15 منٽن بعد جوابدار دل جي دوري سبب فوت ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو