گهوٽڪي(عرفان علي سومرو) ايس ايڇ او محمد جمن کوسو جي اڳواڻي ۾ اسپيشل ٽيم سان گڏجي قادريه فيڪٽري روڊ تي هلندڙ فحاشي جي اڏي تي ڇاپو ھڻي 5 عورتن ۽ چار مردن کي گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي.۔گرفتار ٿيلن ۾ محمد صديق، عبدالرحيم ڌونڌو، غلام دستگير ڀٽي، محمد حنيف ڀٽي ۽ عورتن ۾ نصرين نازيه، مختياران، ثنا، بلو ڀٽي ۽ مجيدان شامل آھن جن مٿان سرڪار پاران اي ايس آءِ شھزادو سنگهڙ جي فرياد تي مٿن ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.










