اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) ورلڊ بينڪ پورٽ قاسم کي دنيا جو نائون ترقي يافته پورٽ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. وفاقي وزير بحري معاملا محمد جنيد انور چوڌري چيو آهي ته ورلڊ بينڪ طرفان پورٽ قاسم کي دنيا جي نائون سڀني کان وڌيڪ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ بندر گاهه قرار ڏنو. حڪومت طرفان جاري اصلاحات ۽ جديد قدم انهي جو ثبوت آهي.ورلڊ بينڪ ايس اينڊ پي گلوبل مارڪيٽ انٽيليجنس جي تعاون سان جاري ڪيل ڪنٽينر پورٽ پرفارمنس انڊيڪس 2024 ۾ پورٽ قاسم کي دنيا جي 20 بهترين ترقي ڪندڙ بندرگاهن جي فهرست ۾ شامل ڪيو آهي. رپورٽ موجب 2020 کان 2024 جي وچ ۾ پورٽ قاسم جي ڪارڪردگي ۾ 35.2 پوائنٽس جو نمايان اضافو ٿيو.وفاقي وزير جنيد انوار چيو ته پورٽ قاسم جي عالمي رينڪنگ پاڪستان لاءِ اعزاز آهي. ڪاميابي حڪومتي اصلاحات ۽ جديديت جو ثمر آهي، قاسم انٽرنيشنل ڪنٽينر ٽرمينل جديد آپريشنز ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.جنيد انوار چيو ته پاڪستان جديد ڪاري سان خطي جو شپنگ حب بڻيل رهيو آهي. بندر گاهن جي ڪارڪردگي ۾ بهتري سرمائيڪاري جي اعتماد ۾ اضافو ڪندي.










