پيٽرول 10 ۽ ڊيزل 8 رپيا سستو،نوٽيفيڪشن جاري

پيٽرول 10 ۽ ڊيزل 8 رپيا سستو،نوٽيفيڪشن جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي ڪئي وئي آهي. پيٽروليم ڊويزن نئين قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب، پيٽرول جي قيمت ۾ 10.28 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کان پوءِ نئين قيمت 253.17 رپيا في ليٽر ٿي وئي آهي.8.57 رپيا في ليٽر گهٽتائي کان پوءِ، ڊيزل جي قيمت 257.8 رپيا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.نوٽيفڪيشن موجب، نوان اگهه اڄ رات 12 وڳي کان پوءِ لاڳو ٿيندا.

پهنجو تبصرو موڪليو