راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)مري روڊ، صدر ۽ ڪچهري چوڪ سميت ڪيترن ئي شاهراهن تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جي تصويرن تي ”غدار پاڪستان“ جا لفظ لکيا ويا آهن لڳايل بينرز تي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان، عمران اسماعيل، فرخ حبيب، مراد سعيد ۽ ڊاڪٽر ياسمين راشد سميت پي ٽي آءِ جي ڪيترن ئي اڳواڻن جون تصويرون لڳل آهن.تصويرن تي پي ٽي آءِ اڳواڻن کي پاڪستان جو غدار قرار ڏنو ويو آهي عمران اسماعيل جي تصوير سان گڏ ماڻهن کي فوجي تنصيبات تي حملن لاءِ ڀڙڪائڻ ۽ فرخ حبيب جي تصوير سان پاڪ فوج خلاف نفرت پکيڙڻ جو متن به داخل ڪيو ويو آهي بينرز تي ياسمين راشد جي تصوير سان گڏ ماڻهن کي جناح هائوس وٺي وڃڻ لاءِ لکيل آهي، بينرز تي پاڪستان جي غداريءَ جي ڏينهن جي مذمت به لکيل آهي ڪچهري چوڪ ڀرسان وال آف شيم نالي هڪ وڏو بينر به لڳايو ويو آهي، جنهن تي پي ٽي آءِ جي 21 ميمبرن جون تصويرون لڳل آهن










