پنجند کانسواءِ پنجاب ۾ پاڻي وهڪرن ۾ لاٿ، سنڌ ۾ وچولي ٻوڏ

پنجند کانسواءِ پنجاب ۾ پاڻي وهڪرن ۾ لاٿ، سنڌ ۾ وچولي ٻوڏ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پنجاب ۾ پنجند تي مها ٻوڏ برقرار آهي جڏهن ته باقي سڀني درياهن جي مختلف بيراجن ۽ هيڊ ورڪس تي پاڻي جي وهڪرن ۾ لڳاتار لاٿ اچي رهي آهي. وفاقي فلڊ ڪميشن جي ڇنڇر تي جاري ڪيل ڊيٽا موجب پنجند تي وهڪرو 6 لک 79 هزار 290 ڪيوسڪس رڪارڊ ٿيو. پنجند مان پاڻي گذرڻ جي گنجائش 8 لک 65 هزار ڪيوسڪس جي آهي ۽ هتان ماضي ۾ وڏي ۾ وڏو وهڪرو 8 لک 2 هزار 516 ڪيوسڪس جو 17 آگسٽ 1973 تي گذريو هو. ڊيٽا موجب جهلم درياهه تي پاڻي جي صورتحال مڪمل نارمل آهي، چناب درياهه تي هيڊ مرالا، خانڪي، قادرآباد ۽ تريمو تي به وهڪرا نارمل ٿي ويا آهن. راوي درياهه جي جسر ۽ شاهدره تي وهڪرا نارمل آهن، بلوڪي تي هلڪي ۽ سڌنائي تي هاءِ فلڊ آهي پر گذريل ڏينهن جي ڀيٽ ۾ پاڻي ۾ لڳاتار لاٿ رڪارڊ ٿي آهي. ستلج درياهه ۾ ڀارت پاران پاڻي ڇڏڻ بعد گنڊا سنگهه والا تي مها ٻوڏ هئي پر ڇنڇر تي هلڪي ٻوڏ رڪارڊ ٿي آهي، جڏهن ته سليمانڪي ۽ اسلام تي وهڪرا گهٽجي وچولي ٻوڏ جي درجي تي اچي ويا آهن. سنڌ جي گڊو ۽ سکر بيراج تي وچولي ۽ ڪوٽڙي تي هلڪي ٻوڏ جا وهڪرا هلن پيا. پنجاب جي پنجند بيراج مان ڇڏيل پاڻي ٻن ڏينهن ۾ گڊو پهچندو آهي. گڊو بيراج تي ڇنڇر ڏينهن ان فلو 5 لک 12 هزار 662 ڪيوسڪس ۽ آئوٽ فلو 4 لک 80 هزار 455 ڪيوسڪس رڪارڊ ٿيو. سکر بيراج تي پاڻي جي آمد 451760 ۽ نيڪال 418810 ڪيوسڪس رڪارڊ ٿيو. ڪوٽڙي بيراج تي آمد 259284 ۽ نيڪال 254354 ڪيوسڪس رڪارڊ ٿيو،هوڏانهن پنجاب جي پي ڊي ايم کاتي جي ڊي جي موجب پنجاب ۾ ٻوڏ سبب مختلف حادثن ۾ فوتين جو انگ 100 کان وڌي ويو آهي. ڊائريڪٽر جنرل پي ڊي ايم اي پنجاب عرفان علي ڪاٺيا چيو ته ٻوڏ دوران پنجاب ۾ 101 ماڻهو فوت ٿيا، جڏهن ته 483 رليف ڪئمپ هن وقت ٻوڏ متاثرين کي خدمتون فراهم ڪري رهيا آهن. ڊي جي پي ڊي ايم اي پنجاب چيو آهي ته پنجاب جي تاريخ جو سڀ کان وڏو ريسڪيو آپريشن ٻوڏ دوران ڪيو ويو، پنجاب ۾ 20 لک ڍورن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو