لاهور (ويب ديسڪ) پنجب جي ٻن شهن م ڌار ڌار پيش آيل واقعن ۾ 9 ماڻهو فوت ٿي ويا آهن. پهريون واقعو گجر خان لڳ جي ٽي روڊ تي بيٺل ٽرڪ سان ڪار جي ٽڪر م 4 ماڻهو فوت ٿي ويا، جن ۾ ٽي سڳا ڀائر شامل هئا. فوتين ۾ ارشد، اظهر ۽ حسن ملڪ ۽ ثاقب بٽ شامل آهن. پنجب جي وڏي وزير عثمان بوزدار وارثن سان تعزيت ڪندي فوتين جي مغفرت جي دعا ڪئي آهي. ٻيو واقعو شيخوپوره ۾ پيس آيو جتي عدالت ۾ پيشي تي ويندڙ 5 ڄڻن کي ڪا ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. مقتولين صفدر آباد کان فيصل آباد حاضري تي وڃي رهيا هئا. پوليس جو چوڻ آهي ته هي پراڻي دشمني سبب قتل ٿيا ۽ ڌرين جا هيستائين 12 خون ٿي چڪا آهن. پنجاب جي وڏي وزير جوابدارن جي فوري گرفتاري جو حڪم ڏنو آهي.










