لاهور: (ويب ڊيسڪ) سموري پنجاب ۾ محرم الحرام جي دوران سيڪيورٽي خدشن کي نظر ۾ رکندي قلم 144 لاڳو ڪيو ويو آهي.پنجاب جي گهرو وزارت سموري صوبي ۾ قلم 144 لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو جنهن موجب صوبي ۾ 17 کان 26 جون تائين قلم 144 لاڳو رهندو، پنجاب ۾ 7 قسم جون پابنديون پڻ لڳايون ويون آهن.جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته محرم الحرام جي دوران صرف منظور ٿيل جلوس ۽ مجلسون ٿينديون جڏهن ته عوامي هنڌن تي هر قسم جي هٿيار ۽ باهه ڏيڻ واري مواد جي نمائش تي پابندي لاڳو هوندي.انهي کان علاوه عوامي جذبن، عقيدتن ۽ فرقن کي ڀڙڪائيندڙ اشتعال انگيز نعرن ۽ اشارن تي پابندي، فرقيوارانه يا نسلي منافرت کي هوا ڏيندڙ بيان، تصبرن ۽ جلوسن جي رستن تي واقع گهرن يا ٻين عمارتن جي ڇتن تي مورچن جي تعمير تي به پابندي هوندي.نوٽيفڪيشن موجب جلوس جي رستن ۾ موجود عمارتن جي ڇتن تي پٿر، سرون، بوتلون يا ڪچرو جمع ڪرڻ، جلوس جي دوران رستي ۾ واقع عمارتن جي ڇتن يا دڪانن جي دڪن تي بطور تماشائي موجودگي تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.بزرگ شهرين، عورتن ۽ قانون لاڳو ڪندڙن ادارن جي اهلڪارن ۽ ڊبل سواري کان علاوه ٻيون سموريون پابنديون پهرين کان 10 محرم الحرام تائين لاڳو هونديون جڏهن ته ٻيلهه سواري تي پابندي 9 ۽ 10 محرم الحرام تي هوندي.










