ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته هڪ هفتي ۾ ڄام صادق پل جو ڪم مڪمل ڪيو ويندو. اهڙو اظهار هن ڄام صادق پل جو دورو ڪرڻ دوران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ڄام صادق پل جو مرمتي ڪم آخري مرحلي ۾ آهي. هن چيو ته پل تي پنڌ ۽ سائيڪل تي هلڻ جي سهولت به مهيا ڪئي ويندي.هڪ سوال تي هن چيو ته وڌيڪ ورڪنگ وومينز کي اليڪٽرڪ اسڪوٽر ڏنا ويندا، ڪجهه هفتن ۾ اوهان ڪراچي ۾ ڊبل ڊيڪر بسون هلندي به ڏسندا. هن ٻڌايو ته چيني ڪمپني ڌاٻيجي ۾ اليڪٽرڪ بسون ٺاهڻ جو پلانٽ لڳائي رهي آهي.هن ٻڌايو ته توانائي سيڪٽر سميت مختلف معاملن تي چين سان ڳالهيون ٿيون آهن، صدر زرداري چاهي ٿو ته هتي جي ماڻهن کي چين ۾ تربيت ڏني وڃي. هن وڌيڪ چيو ته اقتدار جي ڪرسي تي ويهي پاڻ کي عقل ڪل نه سمجهڻ گهرجي. وفاقي هڪومت اهڙا ڪم ڪري جنهن سان عوام کي فائدو ملي.هن چيو ته اسان وفاقي حڪومت م شامل نه آهيون پر جمهوريت خاطر سندن حمايت ڪئي آهي. هن چيو ته وفاقي حڪومت 300 ارب روپين جي لاڳت سان ڪڻڪ امپورٽ پئي ڪري پر اها رقم جيڪڏهن هارين کي ملي ها ته ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻي نه پوي ها. هن چيو ته پاڪستان ڪڻڪ ايڪسپورٽ ڪندڙ ملڪ رهيو آهي پر غلط پاليسين سبب اڄ ٻاهران گهرائڻي پوي ٿي. هڪ سوال تي هن چيو ته پنجاب ۾ بهتر رٿا بندي سان ٻوڏ جو نقصان گهٽائي سگهجي پيو، فيڪٽ فائينڊنگ رپورٽ اچي ته خبر پوندي ته پنجاب ناتجربيڪاري سبب نقصان وڌيڪ ٿيو. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته صحافي امتياز مير تي حملو ۽ ملير ۾ کدڙن فقيرن جي قتل جا واقعن جا مختلف سبب ٿي سگهن ٿا پر اهي دهشتگردي جا واقعا نٿا لڳن، وڌيڪ پوليس جاچ ڪري پئي.










