لاهور (ويب ڊيسڪ)حڪومتي ڪوششن جي باوجود، پنجاب جي هوائي آلودگي گهٽ نه ٿي سگهي، قصور کي 500 ايئر پارٽيڪيوليٽ ميٽرن سان پنجاب جو سڀ کان وڌيڪ آلوده شهر قرار ڏنو ويو.پنجاب جي ماحوليات کاتي جي ويب سائيٽ موجب، خانيوال ۾ AQI 365 ۽ لاهور ۾ 353 رڪارڊ ڪيو ويو.عالمي ويب سائيٽ موجب، لاهور دنيا جو ٻيو سڀ کان وڌيڪ آلوده شهر آهي، جنهن جو AQI 368 آهي، جڏهن ته ڪراچي 209 پارٽيڪيوليٽ ميٽرن سان ڇهين نمبر تي آهي.ٻئي طرف، پشاور کان رشڪئي تائين M-1 موٽر وي سخت ڪوهيڙي سبب بند ڪيو ويو.










