پنجاب ۾ برساتن جو ٻيو اسپيل سڀاڻي کان شروع، اربن فلڊنگ جو خدشو

پنجاب ۾ برساتن جو ٻيو اسپيل سڀاڻي کان شروع، اربن فلڊنگ جو خدشو

لاهور (ويب ڊيسڪ): پنجاب ۾ مون سون جي برساتن جو ٻيو سلسلو سڀاڻي کان شروع ٿيندو. پي ڊي ايم اي (PDMA) جي ترجمان موجب، 19 کان 24 جولاءِ تائين جاري رهندڙ هن سلسلي ۾ گھٽ وقت ۾ وڌيڪ برسات پوڻ جو امڪان آهي، جنهن جي ڪري مختلف علائقن ۾ شهري ۽ هيٺانهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچڻ جو خطرو وڌي ويو آهي. پي ڊي ايم اي موجب راولپنڊي، مري، گليات، اٽڪ، چڪوال، جهلم، منڊي بهاءُ الدين، گجرات، گوجرانوالا، حافظ آباد، وزيرآباد، فيصل آباد، خوشاب، سرگوڌا، لاهور، شيخوپورا، سيالڪوٽ، نارووال، ساهيوال، جھنگ، ٽوبه ٽيڪ سنگھ، ننڪانه صاحب ۽ چنيوٽ ۾ وڏي برسات جو امڪان آهي. ان کان علاوه نورپور ٿل، بهڪر، ميانوالي، لھيه، بهاولپور، بهاولنگر، ڊيره غازي خان، ملتان، خانيوال، لودهران، مظفرگڙهه، ڪوٽ اڊو، رحيم يار خان ۽ راجن پور ۾ به برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. ترجمان پي ڊي ايم اي خبردار ڪيو آهي ته راولپنڊي، گوجرانوالا، لاهور، سيالڪوٽ، ملتان ۽ فيصل آباد ۾ اربن فلڊنگ (شھري ٻوڏ) جو خدشو موجود آهي، جڏهن ته مقامي ندي نالن، نالا لئي، ڪشمير، مري، گليات ۽ اتر-اوڀر پنجاب جي برساتي نالن ۾ چاڙهه جو پڻ خطرو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو