مانجهند(مهراڻ عمراڻي) پنجاب مان پسند جو پرڻي لا۽ گهران نڪتل جوڙي مانجهند ٿاڻي تي پهچي تحفظ جي گهر ڪئي آهي. منڊي بهاول الدين جي نوجوان جوڙي تسنيه ناز گوندل ۽ سيد قمر عباس شاهه ٿاڻي تي موقف ڏيندي چيو ته پسند جو پرڻو ڪرڻ چاهيون ٿا کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي. ايس ايڇ او علي پريو ٻڌايو ته عدالت جو وقت ختم ٿي ويو آھي. آچر تي اسپيشل مئجسٽريٽ آڏو جوڙي کي پيش ڪنداسين جتي جوڙي جو بيان رڪارڊ ڪيو ويندو.










