پنجاب ۾ لغڙ اڏائڻ جي مشروط اجازت، آرڊيننس جاري

پنجاب ۾ لغڙ اڏائڻ جي مشروط اجازت، آرڊيننس جاري

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب حڪومت لغڙ اڏائڻ جي اجازت جو آرڊيننس جاري ڪري ڇڏيو آهي. پنجاب جي گورنر سليم حيدر جي صحيحن سان بسنت ملهائڻ جي مشروط اجازت جو آرڊيننس جاري ڪيو ويو آهي جنهن جي تحت بسنت جي لاءِ شرطون مقرر ڪيون ويون آهن جن جي خلاف ڀڃڪڙي تي قيد ۽ ڏنڊ جون سزائون مقرر ڪيون ويون آهن.آرڊيننس موجب پنجاب ۾ 2001 ۾ لغڙ اڏائڻ تي پابندي لڳائي وئي هئي، 25 سالن کان پوءِ لغڙ اڏائڻ جي ٻيهر اجازت ڏني وئي آهي پر 18 سالن کان ننڍي عمر جا ٻار لغڙ نٿا اڏائي سگهن، ڀڃڪڙي تي والد يا سرپرست ذميوار هوندو.آرڊيننس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته صرف ڌاڳي سان ٺهيل ڏور سان ئي پتنگ بازي جي اجازت هوندي، ڪيميڪل يا تيز ڌار مانجهي سان ٺهيل ڏور جي استعمال تي سخت سزائون ڏنيون وينديون. گهٽ ۾ گهٽ 3 ۽ وڌ کان وڌ 5 سال قيد ۽ 20 لک روپيه ڏنڊ جي سزا ڏئي سگهجي ٿي، ضلعي جي اندر هر موٽر سائيڪل طئي ڪيل حفاظتي تدبيرن موجب هلائي ويندي.آرڊيننس موجب شڪي هنڌ يا گهر جي تلاشي جو به حق ڏنو ويو آهي. ڏوهه ضمانت نه ٿيڻ جوڳو هوندو. 18 سالن کان ننڍي عمر جي ٻار جي قانون جي پهرين ڀڃڪڙي تي 50 هزار، ٻيون ڀيرو هڪ لک روپيه ڏنڊ هوندو. ڏنڊ ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ والد يا سرپرست جي خلاف ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. پتنگ بازي ايسوسيئيشن لاڳاپيل ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر وٽ رجسٽر ڪئي ويندي.آرڊيننس ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته لغڙ رجسٽرڊ دڪاندارن کان ئي خريد ڪيا ويندا، هر رجسٽرڊ دڪاندار کي هڪ ڪيو آر ڪوڊ سان جوڙيو ويندو. لغڙ تي به ڪيو آر ڪوڊ هوندو جنهن سان لغڙ وڪرو ڪندڙ جي سڃاڻپ ٿي سگهندي، ڏور ٺاهيندڙن جي به رجسٽريشن ٿيندي، ڪيو آر ڪوڊ سان انهي جي به سڃاڻپ ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو