پنجاب جي 60 هزار سونارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي تياري

پنجاب جي 60 هزار سونارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي تياري

لاھور(ويب ڊيسڪ) فيڊرل بورڊ آف ريوينيو (ايف بي آر) سونارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ 60 هزار کان وڌيڪ جيولرز جو ڊيٽا گڏ ڪري ورتو. ذريعن مطابق جن 60 هزار جيولرز جو ڊيٽا گڏ ڪيو ويو، ان مان صرف 21 هزار جيولرز ايف بي آر وٽ رجسٽرڊ آهن، ۽ ان 21 هزار رجسٽرڊ جيولرز مان به صرف 10 هزار 524 ٽيڪس ريٽرن فائيل ڪن ٿا. ايف بي آر جي ذريعن جو چوڻ آهي ته گھڻا جيولرز پنهنجي آمدني گهٽ ڏيکاري ٽيڪس لڪائي رهيا آهن. ٽيڪس لڪائيندڙ جيولرز خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، جنهن لاءِ پهرئين مرحلي ۾ پنجاب جي 900 جيولرز جي لسٽ تيار ڪئي وئي آهي، جن جو لاڳاپو لاھور، راولپنڊي، فيصل آباد ۽ ملتان سان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته انهن جا ٽيڪس ريٽرن سندن دڪانن، خريد و فروخت ۽ رهڻ سهڻ جي مطابق ناهن، هزارين جيولرز ٽيڪس نيٽ ۾ شامل نه پيا ٿين. گهٽ ٽيڪس ڏيندڙ جيولرز کان نوٽس ذريعي جواب طلب ڪيو پيو وڃي. ان حوالي سان ايف بي آر جي حڪمت عملي آهي ته سڀني شعبن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي، ڪنهن به تاجر ۽ صنعت ڪار کي بنا سبب نوٽيس نه ڏنو ويندو. هر فرد پنهنجي حصي جو ٽيڪس ايمانداري سان ڏيندو ته ملڪ هلندو.

پهنجو تبصرو موڪليو