ڊي جي خان(ويب ڊيسڪ) پنجاب جو اڳوڻو گورنر سردار ذوالفقار کوسا لاهور ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس خاندان موجب، ذوالفقار کوسا ڪجهه عرصي کان لاهور جي هڪ اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. سندس عمر 90 سال هئي ذوالفقار کوسا پهريون ڀيرو 1962 ۾ پنجاب اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. هو پنهنجي زندگيءَ جو گهڻو حصو مسلم ليگ ۾ رهيو.هن ڪيترائي ڀيرا صوبائي وزير، صلاحڪار، سينيٽر ۽ پنجاب جي گورنر جا عهدا سنڀاليا. 2018 جي چونڊن کان اڳ هو پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيو.ذوالفقار کوسا نواز شريف جي جلاوطني دوران پنجاب مسلم ليگ (ن) جو صدر پڻ هو.










