پلاسٽڪ جي خاتمي ۽ شجرڪاري جي مهم کي تيز ڪرڻ جو عزم

پلاسٽڪ جي خاتمي ۽ شجرڪاري جي مهم کي تيز ڪرڻ جو عزم

لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز شريف ماحوليات جي عالمي ڏينهن (ورلڊ انوائرنمينٽ ڊي) جي موقعي تي پنهنجي خاص پيغام ۾ سڄي صوبي ۾ ماحولياتي سڌاري، پلاسٽڪ جي خاتمي ۽ شجرقاريءَ (وڻ پوکڻ) کي هٿي ڏيڻ جي عزم جو اعادو ڪندي عوام کي وڌ کان وڌ وڻ پوکڻ ۽ قدرتي وسيلن جي تحفظ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي.پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز شريف لاهور سميت ٻين علائقن ۾ ماحولياتي صورتحال بهتر ٿيڻ تي سينيئر وزير مريم اورنگزيب ۽ لاڳاپيل ٽيم کي خراجِ تحسين پيش ڪيو، ۽ گذريل سال گهري ڌُنڌ (فوگ) ۾ نمايان ڪمي ۽ ماحول جي سڌاري تي شڪرگذار جو اظهار ڪيو. وڏي وزير غير معياري پلاسٽڪ بيگن (ٿيلهين) جي استعمال تي قانوني ڪارروائي جو سلسلو جاري رکڻ ۽ پنجاب ۾ خطي جي پهرين “انوائرنمينٽ آبزرويٽري پراجيڪٽ” کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ قدمن جي هدايت ڪئي. هن جو چوڻ هو ته زمين هڪ خوبصورت گُرو (پلانٽ) آهي، ان جي حفاظت ۽ بقا لاءِ هر ممڪن قدم کڻڻ اسان سڀني جو فرض آهي. ماحولياتي گدلاڻ ۾ ڪمي ۽ اسموگ جي خاتمي لاءِ اثرائتن ۽ پائيدار قدمن جا هاڪاري نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، ۽ پنجاب ماحولياتي آلودگي بابت وقت کان اڳ الرٽ (پيشگي اطلاع) جي صلاحيت حاصل ڪندڙ پهريون صوبو بڻجي چڪو آهي. مريم نواز شريف چيو ته پهرين جديد ترين “ايئر ڪوالٽي فورڪاسٽ سسٽم” ذريعي سڄي صوبي ۾ فضائي آلودگي جي انڊيڪيٽر جي مانيٽرنگ ڪئي پئي وڃي. پنجاب جي پهرين ”انوائرنمينٽ وال“ تي 24/7 ماحوليات سان لاڳاپيل ادارن جو مانيٽرنگ سسٽم ڪم ڪري رهيو آهي، جڏهن ته دونھون ڇڏيندڙ گاڏين، سِيرن جي بٺن (ڀٽہ خشت) ۽ فصلن جا باقيات ساڙڻ سميت ماحولياتي قانونن جي ٻين ڀڃڪڙين تي قانوني ڪارروائي جاري آهي. اسموگ جي خاتمي لاءِ 30 جديد “بارفوگ گنز” جو اثرائتو استعمال ڪيو پيو وڃي، ۽ لاهور سميت ٻين شهرن لاءِ وڌيڪ اسموگ گنز پڻ آنديون پيون وڃن. هن ٻڌايو ته پائيدار ۽ اثرائتي ماحول جي لاءِ سڄي صوبي ۾ شجرقاري (وڻ پوکڻ جي) مہم مسلسل جاري آهي. پنجاب حڪومت “گرين پنجاب” ۽ “پلانٽ فار پاڪستان” ويزن تحت سڄي صوبي ۾ وڻ پوکي رهي آهي، اسان جو مذهب ۽ اخلاقي قدر به اسان کي صفائي ۽ ماحول جي حفاظت جو درس ڏين ٿا. پنجاب جي وڏي وزير چيو آهي ته نئين نسل جي بقا ۽ ماحول کي بهتر بڻائڻ لاءِ اثرائتا قدم کڻڻ ناگزير آهي، نئين نسل کي پاڻي، توانائي ۽ ماحولياتي وسيلن جي تحفظ لاءِ گڏيل عزم جو اظهار ڪرڻو پوندو. ماحوليات جي عالمي ڏينهن تي فطرت جي تحفظ، آلودگي جي خاتمي ۽ موسمي تبديلين (ڪلائيميٽ چينج) کي منهن ڏيڻ لاءِ شعور بيدار ڪرڻو آهي. وڏي وزير ماحوليات جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي عوام کي پلاسٽڪ جو استعمال گهٽ ڪرڻ ۽ ماحول جي تحفظ جو وچن ڪرڻ جي اپيل پڻ ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو