زلمي جي پهرين فتح،ملتان مسلسل ٽيون ڀيرو شڪست

زلمي جي پهرين فتح،ملتان مسلسل ٽيون ڀيرو شڪست

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) ملتان جي ٽيم منڍ کان مشڪل جو شڪار رهي، ڪپتان رضوان 15 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، 27 تي ملتان جي پهرين وڪيٽ ڪري جنهن بعد شي هوپ ۽ عثمان خان اسور 63 تائين پهچايو ته سي هوپ 20 رنس ٺاهي آئوٽ ٿيو، جنهن بعد ڪامران غلام 6، بريسويل 3، ايشٽن ٽرنر زيرو، عثمان خان 22 بالن تي 44 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو، افتخار احمد 2 ۽ اسامه مير هڪ رن ٺاهي آئوٽ ٿيا. 13 هين اوور ۾ 84 تي 8 وڪيٽون ملتان جون ڪري پيون ۽ پشاور جي پهرين فتح واضح ٿي وئي. نوجوان بالر علي رضا 4 اوورن ۾ 21 رنز ڏئي 4 وڪيٽون ۽ عارف يعقوب 4 اوورن ۾ 20 رنز ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون. پشاور 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 227 رنز ٺاهيون. 5 رنسن تي ٻئي اوپنر آئوٽ ٿيڻ بعد پشاور گيم ۾ ڪم بيڪ ڪيو. پي ايس ايل جو نائون ميچ پشاور ۽ ملتان وچ ۾ راولپنڊي ۾ کيڏيو پيو وڃي. پشاور ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. پهريون اوور ڊيوڊ ولي ڪرايو ۽ 3 رنز ڏنيون. ٻيو اوور بريسويل ڪيو ۽ پهرين بال تي صائم ايوب هٽ ڪرڻ جي چڪر ۾ 2 رنز ٺاهي بولڊ ٿي ويو. جنهن بعد ڪيڊمور آيو ۽ ٽئين اوور ۾ بابر اعظم 2 رنسون ٺاهي ڊيوڊ ولي جي بال تي ايل بي دبليو ٿي ويو. هن رويو ورتو جيڪو ضايع ٿي ويو. جنهن بعد محمد حارث ۽ ڪيڊمور جارحاڻو انداز اختيار ڪندي وڏا شاٽ کيڏي پريشر رليز ڪيو ۽ 6 اوورن ۾ اسڪور 69 تي پڄايو. پاور پلي جي آخري اوور جي پهرين بال تي عاڪف جاويد حارث کي بائونڊري تي افتخار هٿان ڪيچ ڪرايو هو پر نو بال سبب هو بچي ويو. محمد حارث 21 بالن تي 45 رنسون ٺاهي نوجوان بالر عبيد شاهه جي بال تي افتخار احمد هٿان ڪيچ ٿيو ۽ پشاور جي ٽئين وڪيٽ 84 رنز تي ڪري. جنهن بعد حسين طلعت آيو.جنهن پڻ جارحاڻي راند جاري رکي. ان دوران ڪيڊمور ففٽي مڪمل ڪئي ۽ 5 ڇڪن ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 30 بالن تي 52 رنسون ٺاهي بريسويل جي بال تي ڊيوڊ ولي هٿان ڪيچ ٿيو. ان بعد حسين طلعت به هڪ ڇڪي ۽ 3 چوڪن جي مدد سان 29 بالن تي 37 رنسون ٺاهي افتخار جي بال تي عاقف جاويد هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد مچل اوون ۽ عبدالصمد ٽيمپ ٽٽڻ نه ڏنو. مچل اوون 4 ڇڪن ۽ هڪ چوڪي جي مدد سان 15 بالن تي 34 رنز ٺاهي ڊيوڊ ولي جي بال تي رضوان هٿان ڪيچ ٿيو. عبدالصمد جنهن پي ايس ايل م ڊيبيو ڪيو تنهن 3 چڪن ۽ 4 چوڪن ي مدد سان 14 بالن تي 40 رنسون ٺاهيون ۽ آخري اوور جي چوٿين بال تي عبيد شاهه کي ڇڪو هڻڻ جي چڪر ۾ افتخار هٿان ڪيچ ٿي ويو. ڊيوڊ ولي 4 اوورن ۾ 36 رنز ڏئي 2 ۽ بريسويل 37 رنز ڏئي2 وڪيٽون ورتيون. عاقف جاويد 3 اوورن ۾ 52 ۽ اسامه مير 4 اوورن ۾ 51 رنز ڏنيون. عبيد شاهه 3 اوورن ۾ 40 رنز ڏئي 2 وڪيٽون ورتيون ۽ افتخار هڪ اوور ۾ 5 رنسون ڏئي هڪ وڪيٽ ورتي.

پهنجو تبصرو موڪليو