اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته افغانستان ۾ امن قائم ٿيندو ۽ ان کان اڳ غير ملڪي فوجن جو افغانستان مان نڪرڻ غير دانشمندانه هوندو. واشنگٽن پوسٽ ۾ لکيل مضمون ۾ هن چيو آهي ته طالبان سان ڳالهين بعد ٿيل معاهدي کانپوءِ امن جي قيام جي وڏي اميد پيدا ٿي آهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ پرڏيهي فوج کي افغانستان مان نڪرڻ ۾ جلدي نه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته افغانستان ۾ امن قائم نه ٿيندو ته پاڪستان ۾ به بد امني رهندي. افغانستان ۾ حقيقي امن سڀني نمائندن جي گڏجڻ سان قائم ٿيندو ٻاهران مڙهيل حل پائيدار نه هوندو.










